مواد ڏانھن هلو

اوشا (ديوي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اوشا
پرڀات ۽ روشن صبح جي ديوي
ديوناگريउषस्
وابستگيديوي
رهائشسج
منتراوم اُسَاسَي نَما
سواريسون جي رَٿ
گرنٿرگويد
نسب
ڀائر ڀينرراتڙِي، چندَر ، نند
ساٿيسُوريا
اولاداَشوَنِي


اوشا(انگريزي: Ushas ) ھندوازم ۾ پرڀات جي ديوي جو نالو آهي[1][2]. ان جو ذڪر رگويد جي بيتن ۾ وري وري ٿيل آهي. ڊيوڊ ڪنسلي لکي ٿو تہ رگويد مطابق اوشا "پرڀات يا پرھ ڦٽيءَ جي وقت روشني بڻجي پاڻ کي ظاھر ڪندي آهي ۽ ظالم انڌيري، بدي جي قوتن، کي ڌرتي تان ڌڪي ڪڍي زندگي کي اٿاري ھر شئي کي حرڪت ۾ آڻي پنھنجا پنھنجا ڪم ڪار ڪرائيندي آهي"[3]. ڊيوڊ ڪنسلي وڌيڪ لکي ٿو ته رگويد مطابق تہ اوشا ھر زندہ مخلوق لاء زندگي آھي. اھا ھر ڪم ۽ ساھ کي ھلائڻ واري چرخي آھي ۽ افراتفري ۽ مونجھاري جي دشمن آهي، ۽ ھندوازم مطابق رتا جي نالي سان معروف آفاقي ۽ اخلاقي ضابطي کي کي اڀارڻ لاء مبارڪ آھي [3][4]. اوشا رگويد جي سڀ کان وڏي مرتبي واري ديوي آھي پر پوءِ بہ کيس ٽن نر ويدڪ ديوتائن: اگني، سوم ۽ ديوتا جھڙي مرڪزي حيثيت ۽ اھميت ناھي مليل[5]. کيس ھڪ خوبصورت ۽ سينگاريل نوجوان عورت جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي جيڪا ھڪ سوني رٿ تي چڙھي آسمان جي رستي تي ھلندي آهي[1] ۽ سوريا يعني سج جي لاء رستو ھموار ڪندي آهي[3][6]. رگويد ۾ بھترين بيتن مان ڪجهه بيت کيس ارپيا ويا آهن[1][7][4]. ھندوازم مطابق راتڙي) يعني رات اوشا جي ڀيڻ آھي[1]. شيخ اياز پنھجي ڪتاب وڄون وسڻ آئيون ۾ ھڪ بيت ۾ اوشا جو ذڪر ھيٺين طرح ڪيو آهي؛

اوشا اڄ بہ ارھ، پورب ۾ پڌرا ڪيا

نالي جو مطلب

[سنواريو]

ويدڪ لفظ اوساس اوسا لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي پرڀات.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 Constance Jones; James D. Ryan (2006). Encyclopedia of Hinduism. Infobase Publishing. ص. 472. ISBN 978-0-8160-7564-5.
  2. Apte, Vaman Shivram (1965), The Practical Sanskrit Dictionary (4th ڇاپو), New Delhi: Motilal Banarsidass, ISBN 81-208-0567-4, p. 304.
  3. 1 2 3 David Kinsley (1988). Hindu Goddesses: Visions of the Divine Feminine in the Hindu Religious Tradition. University of California Press. ص. 7–8. ISBN 978-0-520-90883-3.
  4. 1 2 W. J. Wilkins (2003). Hindu Gods and Goddesses. Courier. ص. 48–52. ISBN 978-0-486-43156-7.
  5. David Kinsley (1988). Hindu Goddesses: Visions of the Divine Feminine in the Hindu Religious Tradition. University of California Press. ص. 6–7. ISBN 978-0-520-90883-3.
  6. Kuiper, F.B.J. (1968). Ancient Indian Cosmogony. Bombay 1983. Schmidt, H.P. Brhaspati und Indra. Wiesbaden 1968.
  7. Peter Heehs (2002). Indian Religions: A Historical Reader of Spiritual Expression and Experience. New York University Press. ص. 44–45. ISBN 978-0-8147-3650-0.