اوجھڙي ڪئمپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اوجهڙي يا اوجڙي ڪئمپ راولپنڊيءَ ۾ واقع آهي -جتي- سوويت يونين خلاف وڙهڻ لاءِ افغان مجاهدن واسطي هٿيار رکيل هئا. 10 -اپريل- 1988ع ۾ ڪيمپ ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ اتي رکيل سمورا هٿيار ڦاٽي پيا. ڪيمپ مان اُڏايل راڪيٽن ۽ ٻين هٿيارن سبب راولپنڊيءَ ۽ اسلام آباد ۾ اٽڪل هڪ سئو ماڻهو مارجي ويا. انهي حادثي ۾ مارجي ويلن ۾ خاقان عباسي به شامل هو، جنهن جي ڪار کي هڪ ميزائل اچي لڳو هو. جڏهن ٻئي -جاڙا- شهر ڌماڪن سان گونجي اٿيا ۽ ماڻهن آسپاس ميزائل وسندي ڏٺا ته ماڻهن سمجهيو ته ڀارت حملو ڪيو آهي. واقعي واري ڏينهن ضياءَ -الحق- ڪوويت ۾ مني اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هو. هن سانحي بابت پهرين ڏينهن ضياءَ -الحق- ”غير معمولي حادثو“ سڏيو. هڪ هفتي بعد -ان- کي سبوتاز قرار ڏنو. آمريڪي حڪومت جي ماهرن موجب تباهه ٿيل هٿيار افغان ويڙهاڪن لاءِ هئا ۽ انهن اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائل، اينٽي ٽينڪ ميزائل، ۽ لانگ رينج مارٽر شامل هئا. انهن ماهرن مطابق تباهه ٿيل هٿيار -آمريڪا- جي ڏنل ڪل هٿيارن جو ٽيون حصو هئا. آمريڪا هن ڌماڪي کي سبوتاز سڏيو. ميڊيا ۾ اهي ڳالهيون به هليون ته اهو ڌماڪو هٿيار ۽ خاص ڪري ميزائل ڪنهن ٽئين ڌر کي وڪڻڻ واري معاملي کي لڪائڻ لاءِ ڪرايو ويو هو. بهرحال اصل حقيقت اڃا تائين راز بڻيل آهي. اهو ڌماڪو صدر جنرل ضياءَ -الحق- ۽ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري زماني ۾ ٿيو. جوڻيجو قومي اسيمبليءَ آڏو وعدو ڪيو هو ته انڪوائري رپورٽ عوام آڏو پڌري ڪئي ويندي ۽ جوابدارن کي سزا ڏني ويئي.جنرل ضياءَ جوڻيجي کي ڪمزور سمجهي وزيراعظم بڻايو هو، پر هن جڏهن پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ته ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. پهريون جهيڙو تڏهن ٿيو، جڏهن ضيا -جنيوا- ٺاهه تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جوڻيجي مطالبو ڪيو ته اوجهڙي سانحي ۾ ملوث فوجي جنرلن کي سزا ڏني وڃي، پر ضيا ائين نه ڪيو. ڇاڪاڻ جو هو صدر چونڊجڻ جي باوجود فوج جو سربراهه هو ۽ هن پنهنجي -تڪ- ۾ پاڻ کي ڪمزور ڪرڻ نه ٿي گهريو. جاچ ڪميٽيءَ رپورٽ جنرل ضياءَ جي ويجهي ساٿي جنرل -اختر- عبدالرحمان تي الزام مڙهيو ته هن -آمريڪا- وٽان افغان مجاهدن لاءِ ڏنل هٿيار جي گودام کي ڄاڻي واڻي ڌماڪي سان اڏايو آهي، ڇاڪاڻ جو -آمريڪا- جي بچاءَ واري کاتي جي هڪ -ٽيم- ڏنل هٿيارن جي آڊٽ لاءِ اچي رهي هئي. جنرل ضياءَ ۽ جوڻيجي جي وچ ۾ آخري شو ڊائون 29 مئي 1988ع تي ٿيو. جڏهن هن صدارتي اختيار استعمال ڪندي وزيراعظم جوڻيجي کي برطرف ڪري ڇڏيو. اوجهڙي ڪئمپ مان اڏاڻل ميزائل راولپنڊي ۽ -اسلام- -آباد- جي مختلف علائقن ۾ پورجي ويا هئا، جيڪي ايندڙ ڪيترن سالن تائين ظاهر ٿيندا ۽ ڦاٽندا رهيا، -جن- جي وگهي بعد ۾ به -جاني- نقصان ٿيندو رهيو. وزيراعظم جوڻيجي واقعي جي جاچ لاءِ هڪ فوجي ۽ ٻي پارلياماني ڪميٽي جوڙي. پارلياماني ڪميٽي اسلم خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ جوڙي وئي هئي. جيڪا پنهنجي رپورٽ نه ڏيئي سگهي. فوجي ڪميٽي جنرل عمران -الله- جي سربراهيءَ ۾ هئي جنهن پنهنجي رپورٽ حڪومت کي ڏئي ڇڏي. جنرل ضياءَ جي جهاز واري حادثي ۾ مرڻ کان پوءِ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جون حڪومتون آيون، پر اهي ٻئي حڪومتون جنرل عمران جي رپورٽ شايع نه ڪري سگهيون. جوڻيجي دور جي وزير دفاع نعيم احمد خان جو چوڻ آهي ته کيس اها رپورٽ ملي هئي، پر جوڻيجي حڪومت جي خاتمي جي ٻئي ڏينهن هڪ ڳجهي اداري جا آفيسر سندس آفيس تي ڇاپو هڻي اها رپورٽ کڻي ويا. مشرف دور ۾ ڪجهه سينيٽرن اوجهڙي ڪيمپ سانحي جي جاچ رپورٽ شايع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، پر مشرف حڪومت اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته عظيم تر قومي مفادن سبب رپورٽ -جاري- نٿي ڪري سگهجي.[1]

حوالا[سنواريو]