انڙ ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انڙڪوٽ ماڳ جي بيھڪ ′62 ◦68 اوڀر ۽ ′63◦24 اتر ۾ آھي. ھي ڪوٽ بدين ضلعي، گولاڙچي تعلقي جي ديھ کيرئين سروي نمبر 456 449، جاتي کور واھ رستي تي لغاري سم نالي سان چار پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي. ڪوٽ زمين جي سطح کان 15 فوٽ کن مٿي ڏيڍ بلاڪ ۾ ورھايل آھي. ھن چوڪنڊي ڪوٽ جو ھر پاسو 800 فوٽ ڊگھو آھي. ڪوٽ ۾ 28 برج آھن. ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر 8 فوٽ آھي. ڪوٽ ۾ ٻن پاسن کان دروازن جا نشان ملن ٿا. اوڀر پاسي وارو دروازو ويڪر ۾ ٻن ڏاند گاڏين جي لنگهڻ جيترو آھي. ٻئي دروازي جا اولھ پاسي نشان آھن. ڪوٽ ۾ ھڪ کوھ جا آثار اوڀر اتر ڪنڊ تي بيٺا آھن. کوھ جو قطر ڏھ ٻارنھن فوٽ ٿيندو. سرن جي ماپ 13x1/2 8x2 انچ آھي. ھي قلعو سمن جي پھرئين بادشاھ ڄام فيروز الدين جي دور جو چئجي ٿو. جنھن کي شاھ لطيف ڄام انڙ جي نالي سان ڏاتار ۽ سورھيہ طور ڳايو. سومرن جي آخري حڪمران ھمير سومري کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڄام انڙ سمن جو پھريون سردار ٿيو. اھو 51 1350ع جو واقعو آھي.[1]

حوالا[سنواريو]