انڙ پور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ اڳوڻي دادو ۽ موجوده ڄامشوري ضلعي جو مشهور قديم شهر آهي، جيڪو ڄام انڙ سمي ٻڌرايو هو. هن وقت تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ آهي ۽ گهڻي وسنديءَ وارو شهر آهي. هن شهر جي ويجهو، علي آباد- کان هيٺ هڪ اولياءُ اللہ، عابد ۽ زاهد شخصيت، مخدوم ساهڙ جو قبو آهي، جيڪو مخدوم بلاول جو خليفو ۽ -بلاولي تحريڪ- سان وابسته هو. مخدوم ساهڙ هڪ ڀيري پاڻ جڏهن مٽياري شهر ۾ ويو ته اُتي سمهڻ مهل پير ڊگهيري نه سُتو ۽ چيائين ته ”هتي چؤطرف ساداتن جا گهر آهن، بي ادبي ٿيندي“. سندس چوڻ هو ته ”-ان- ماڻهوءَ کي مرشد يا پير ڪري مڃجي، جنهن ۾ هيٺيون ٽي خاصيتون هجن: هڪ خاصيت اها ته جڏهن وٽ ويهجي ته خدا ياد پوي، ٻي اها ته هن کي ڇڏڻ ڏکيو لڳي، ۽ ٽيون هيءُ ته جيڪا ڳالهه ڪري ته -ان- جو دل تي اثر پوي.“ انڙپور جو تاريخي ماڳ، ڪوٽڙيءَ کان ٻاويهه ميل -اتر- طرف آهي. روايتن موجب اهو ٽيون ڀيرو وسايل ڳوٺ آهي ۽ -تاريخ- ۾ بيان ڪيل انڙپور کان ڇهه ميل اولهه طرف آهي؛ هيءُ ڳوٺ 1592ع ۾ اڃا به ڪجهه -اوڀر- طرف هو ۽ درياهه جو مکيه وهڪرو ”ٻهريءَ“ کان -ٿورو- پنڌ اولهه تي وهندو هو ۽ ٻهري اڄ جيان اڳي به درياهه جي ساڄي پاسي وسندڙ هئي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هن ڳوٺ جو وڏو حصو درياهه -پائي- ويو. -ان- جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ڳوٺ ڪافي وڏو هوندو، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پائي وڃڻ کان پوءِ اُن جو ڪجهه حصو اڃا به موجود آهي. پراڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هيءُ شهر ڏاڍو خوبصورت هوندو هو. هن شهر ۾ هڪ قلعو به ٺهيل هو، جو پوءِ سيلاب يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري ختم ٿي ويو. شهر جي منڍ ۾ سامهون هڪ عاليشان دلي دروازو هو. دروازي کان وٺي شهر تائين فانوس هوندا هئا، جيڪي رات جو روشني ڪندا هئا. انڙپور جي ڀرسان هڪ ٻيلو به آهي، -ان- ۾ وقت جا -امير- شڪار ڪندا هئا. بهرحال ورهاڱي کان پوءِ گهڻي تبديلي آئي آهي. هن وقت هتي هڪڙي اسپتال ۽ پرائمري اسڪول آهي. هن علائقي ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا، -جن- ۾ -انڙ-، ميمڻ، کوسا ۽ ماڇي گهڻائيءَ ۾ آهن.[1] سنه 998ھ (سنه 1589ع) ۾ جڏهن مرزا جاني بيگ سنڌ جو حاڪم هو ۽ خودمختيار هو، تڏهن هن کي اڪبر بادشاهه ماري مڃائڻ جي ڪئي ۽ خان خانان کي انهيءَ ڪم لاءِ موڪليائين. لڪيءَ وٽ ٻنهي جي جنگ ٿي ۽ جاني بيگ ڀڄي اُنڙپور ۾ آيو ۽ اتي جهٽ ۾ هڪڙو پهڻن جو جهنگلي قلعو بنائي پناهه وٺي ويهي رهيو. خان خانان اتي مٿس ڪاهي آيو ۽ انهيءَ کي گهيرو ڪيائين. ڏهاڙي لڙائي پئي ٿي، آخر ٻنهي جي وچ ۾ صلح ٿيو. پوءِ مرزا جاني بيگ ٺٽي ويو ۽ خان خانان سن ۾ آيو.[2]

ريلوي اسٽيشن[سنواريو]

Unarpur Station
انڙپور ريلوي اسٽيشن
Coordinates 25°36′22″N 68°21′13″E / 25.6061°N 68.3536°E / 25.6061; 68.3536مڪانيت: 25°36′22″N 68°21′13″E / 25.6061°N 68.3536°E / 25.6061; 68.3536
Owned by Ministry of Railways
Line(s) ڪوٽڙي کان اٽڪ ريلوي لائين
Other information
Station code UNR[3]
Services
{| class="wikitable" style="margin:0.5em auto; font-size:95%; border-top: 0px none;"

|- ! style="vertical-align: middle; width: 30%; border: 1px solid #aaa; border-left: none; border-bottom: none; "|پوئين اسٽيشن ! style="border: none; border-top: 1px solid #aaa; "|  ! style="vertical-align: middle; border: none; border-top: 1px solid #aaa; "|Unarpur railway station ! style="border: none; border-top: 1px solid #aaa; "|  ! style="vertical-align: middle; width: 30%; border: 1px solid #aaa; border-right: none; border-bottom: none; "|اڳيئن اسٽيشن |-

|- 

| rowspan="1" style="text-align:center; border-left: 0px none; border-right: 1px #aaa solid; border-top: 1px #aaa solid; border-bottom:0px none;"| Petaro | style="background:#cc44cc; border-left: 0px none; border-right: 0px none; border-top:1px #aaa solid; border-bottom:0px none;" |   | rowspan="1" style="text-align: center; border-left: 1px #aaa solid; border-right: 1px #aaa solid; border-top:solid 1px #aaa; border-bottom:0px none;" | Line
Kotri-Attock | style="background:#cc44cc; border-left: 0px none; border-right: 0px none; border-top:1px #aaa solid; border-bottom:0px none;" |   | rowspan="1" style="text-align:center; border-left: 1px #aaa solid; border-right: 0px none; border-top: 1px #aaa solid; border-bottom:0px none;"|Budapur

|}
Script error: The function "auto" does not exist.
Script error: The function "autocaption" does not exist.

حوالا[سنواريو]

  1. انڙ پور : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. Official Web Site of Pakistan Railways