انيس انصاري
انيس انصاري ھڪ سنڌي ليکڪ، افسانہ نويس، شاعر ۽ محقق ھو. ھن جو شمار سنڌ جي مڃيل ڪھاڻيڪارن مان ٿئي ٿو.[1]
ننڍپڻ
[سنواريو]سندس اصل نالو الھ بخش انصاري هو. 26 جولاءِ 1923ع تي مرحوم احمد بخش انصاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ انيس انصاري والدين جو اڪيلو اولاد هو، ڇو تہ سندس پيدائش کان ڪجهہ ڪلاڪ اڳ سندس والد ماجد 25 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.[1]
تعليم
[سنواريو]هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ ديني مدرسي مان حاصل ڪئي. اديب جمال ابڙو بہ سندن ھم ڪلاسي ھو. 1933ع ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتان 1940ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين.[1]
شادي ۽ نوڪري
[سنواريو]سندس شادي ۽ پھرين نوڪري 1943ع ۾ ٿي. انيس انصاري نوڪري جي شروعات ڪلارڪيءَ سان ڪئي ۽ آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي تان رٽائر ٿيو.[1]
ادبي سفر
[سنواريو]هن نوجوانيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ سندس شروعاتي لکڻيون شايع ٿيون، جيڪو ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ طرفان 1941ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1952ع تائين ڇپجندو رهيو. انيس انصاري اٽڪل ٽيھارو کن ڪھاڻيون ۽ افسانا لکيا، سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ڇپيل آهي. 1988ع ۾ سندس ڪھاڻي ”پينشنر“ تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ”جمال ابڙو اوارڊ“ ۽ ڏھ هزار رپيا ڏنا ويا. سندس ڪھاڻيءَ جو اردو ۽ پنجابيءَ ۾ بہ ترجمو ٿيو. سنڌي اردو، انگريزي کان سواءِ هندي ۽ گرمکي (لپي) ٻوليءَ تي پڻ دسترس هئس. پاڻ ڪي نظم اردو ۽ هنديءَ ۾ پڻ لکيائين. انيس انصاريءَ کي مڇيءَ جي شڪار، فوٽوگرافي، والي بال، آرٽ ۽ مطالعي سان گهڻو لڳاءُ رهيو. سندس ڪھاڻيون ”چانڊوڪيءَ جو زهر“، ”لاٺي چارج“، ”سج گرهڻ“، ”ردي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪھاڻيون شاهڪار آهن. هن پنھنجي اولاد کي بہ ڀرپور وقت ڏئي سندن سٺي پرورش ڪئي، سندس فرزند اشتياق انصاري، مشتاق انصاري، اخلاق انصاري، آفاق انصاري ۽ اسحاق انصاري نمايان مقام تي آهن.[1]
وفات
[سنواريو]انيس انصاري 77 سالن جي ڄمار ۾ 6 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھ لاڙڪاڻي ۾ آهي.[1]