اسحاق انصاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر اسحاق انصاري 4 مارچ 1960ع تي مشهور اديب ۽ سلڇڻي ليکڪ الله بخش “انيس انصاري” جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن وقت بئنڪ آف پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي.[1]

تعليم[سنواريو]

پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي. سي اسڪول ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪيائين، تنهن کانپوءِ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان بي. ايس . سي ڪري 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس . سي (اسٽيٽڪس) فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. جنوري 1990ع ۾ ڪلچرل ايڪسچيج اسڪالرشپ تحت ان وقت جي چيڪو سلوواڪيا مان پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ ويو، جتي هن پهريان سلوواڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. 1995ع ۾ هو پي. ايڇ. ڊي ڪري واپس وطن وريو.

ملازمتون[سنواريو]

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر رهي چڪو آهي ۽ ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. ان کان علاوهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪٽ جو ببه ميمبر رهيو آهي. هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، بزيٽڪ ۽ سي. بي. ايم ادارن جو ريسرچ گائيڊ به آهي. 2017 کان وٺي 2018 تائين گلف مانيٽري ڪائونسل ۾ اسٽيٽسٽڪس جو ايڊوائيزر بہ رھي چڪو آھي. مارچ 2020 ۾ استيٽ بينڪ مان رتائر ٿيڻ کان پوءِ 7 جون 2021 کان وٺي سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جو ڊائريڪٽر جنرل آھي.

ادبي سفر[سنواريو]

اسحاق انصاري جي پهرين لکڻي گل ڦل ۾ 1973ع ۾ شايع ٿي. تنهن کان پوءِ هو مسلسل سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون مقالا ۽ ڪهاڻيون لکندو رهيو آهي.

تصنيفون[سنواريو]

سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”خالي بينچ“ (ناول 2000ع)، ”پرين هُن پار “ (سفرنامو: 2008ع)، ”نڪري پيس نيپال ڏانهن (سفرنامو: 2013ع) ۽ آنتولن دُسان اڪسو پئغي جي جڳ مشهور ناول ”لٽل پرنس“ جو ترجمو ”ننڍڙو شهزادو“ 2016ع شامل آهن. سندس ٻيون ناول ”پيار درياهه“ به منظر عام تي چي چڪو آهي. اسحاق انصاري ادب کان علاوه فوٽوگرافي، راندين ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو 24 ملڪن جي سياحت ڪري چڪو آهي، مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آهي. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.[2]

حوالا[سنواريو]