انناس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
انناس

انناس، ميوي جو هڪ قسم، جيڪو ناريل جيڏو ٿيندو آهي، ڳاڙهيءَ کَل تي اُڀريل ڳنڍيون هونديون اٿس ۽ خوشبودار ۽ مِٺو ٿئي ٿو. هيءُ ميوو بنگلاديش مان هتي ايندو هو، پر هاڻي هتي به اِن جو پوک تي تجربا ڪيا پيا وڃن. ڪراچيءَ جي گرم گهميل آبهوا ۾ پوکي سگهجي ٿو. تمام لذيذ ميوو آهي. طبي اصطلاح ۾ جگر، معدي، دل ۽ دماغ کي گهڻي طاقت ڏيندڙ آهي ۽ اُڃ گهٽائي ٿو.[1] هيءُ ميوو اصل ڏکڻ آمريڪا کان آيل آهي ۽ هاڻ ته هندستان جي هيٺين ڀاڱن ۾ بلڪل عام ٿي ويو آهي. يورپ ۾ به هن ميوي جا گهڻا قسم ٿيندا آهن. انهن جي خوشبوءِ ۽ لذت سان، هتي جي پيدا ٿيل انناس جي خوشبوءِ ۽ لذت مَٽ نه ڪندي. هن ملڪ ۾ گهڻا ئي قسم ٿيندا آهن، جي رنگ، قد، خوشبوءِ ۽ شڪل ۾ تفاوت رکن ٿا. اڪثر کرنڊ کرنڊ وارا ٿين ٿا، مگر ڪي قسم لسيءَ کل وارا به ٿيندا آهن.[2] انناس جو وڻ اڪثر اس واري هنڌ ٿيندو آهي. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ گل جهليندو آهي ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ميوو پچائيندو آهي. تنهن کانپوءِ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ وڌڻ لڳندو آهي. ڪي ڪي ته وڌڻ جي بدران انهن سرد مهينن ۾، وري ٻور ۽ گل ڪري ڦر پيدا ڪندا آهن. پر اهو ڦر بيمو سمو چئبو، جو گرميءَ جي گهٽتائيءَ ڪري، اڪثر ڪسارو ۽ نه کائڻ جوڳو ٿيندو آهي. ننڍا ننڍا گونچ اجايا نڪرن ته ڇانگي ڇڏڻ گهرجن. سانوڻ جي مينهن کان پوءِ پاڻي اصلي نه ڏجين، مگر جڏهن فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ڦر ڪرڻ لڳن ۽ اهو پچائڻ لڳن تڏهن سو مَئُو پاڻي ڏجين. انهيءَ وقت پنن جي مٿان به پاڻي وجهڻ گهرجي ته ڀلي مٽي ڌوپي وڃين ۽ سوراخ به جاري رهن.[2] پوکڻ مهل انناس قطارن ۾ هڻجن. قطارون هڪٻئي کان ٽي فوٽ پري هئڻ گهرجن ۽ وڻ هڪٻئي کان ٻه فوٽ هئڻ گهرجن. ڇٻراٺي مٽي صاف واريءَ يا هڏن جي چوري سان گڏيل، هن لاءِ فائدي واري آهي. انناس لاءِ نباتاتي ڀاڻ چڱو آهي. فيبروريءَ مهيني ۾ پاڙون کوٽي، پراڻي سڙيل ڇيڻي جي هڪ ٽوڪري هرهڪ وڻ کي ڏئي وڃجي. انهيءَ جي مٿان وري هڪڙو تهه مٽيءَ جو وڇائي ڇڏجي. ڏهاڙي پاڻي ڏيڻ گهرجي. هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو وڻن جي مٿان پاڻي ڇاٽاري، پن ڀِڄائي صفا ڪري ڇڏجن. انهيءَ ڪري ميوو قد جو وڏو به ٿئي ٿو ۽ زياده خوشبودار به ٿئي ٿو.[2] جيترا ڀيرا ٿي سگهي اوترا ڀيرا، انناس جي وڻن جون چڪيون ڪڍي نئين زمين تي رکڻ گهرجن، جو انهيءَ ڪري وڻن جي طاقت توڙي خاصيت سڌري ٿي. جڏهن ميوو چئن انچن جيڏو ٿئي، تڏهن مٿيان پن مروٽي ڪڍي ڇڏجنس ۽ هڪڙي سِر کڻي مٿان رکجيس. انهيءَ ڪري چون ٿا ته انناس گهڻو سڌارو ڪري ٿو. چوٽي پٽڻ جي ڪري ميوو جلد به پچي ٿو ۽ خوشبوءِ به زياده ڪري ٿو. مينهن جي موسم ۾ اکين هڻڻ سان، يا ميوي جي سائي پنن واري چوٽي واريءَ ۾ پورڻ سان، انناس جو وڻ پيدا ٿي سگهي ٿو. انناس گرم ۽ خشڪ هوا ۾ چڱو ٿئي ٿو، تنهنڪري ٽڪرن تي اڪثر ڪين ٿيندو آهي. چون ٿا ته جنهن قسم جو ڀليءَ زمين ۾ ڪمند چڱو ٿيندو آهي؛ انهيءَ ۾ انناس به چڱو ٿيندو آهي. پر جي ڀانئجي ته ميوو اڃا به ڀلو ٿئي، ته زمين ۾ چُن، لوڻ ۽ شوري سان گڏيل ڀاڻ ڏجي. اڍائي سير لوڻ جا دلي جيتري يا وڌيڪ پاڻيءَ ۾ ڳاري، اهو پاڻي جن جي چاليهن سيرن تي کڻي وجهجي، جيئن چن کي ڀڄائي ڇڏي، ٻوڙي نه ڇڏيس. جڏهن سڪي تڏهن وري ڀڄائجيس. ائين پيو ڪجيس جيسين ڪ لوڻ ۽ چن گڏجي وڃي. انهيءَ طرح وري پنج سير شوري جا، سرن جي کوري جي رک جي چاليهن سيرن ۾ ڳاري، اهو به لوڻ ۽ چُن واري مٽيءَ سان گڏائجي. تنهن سان وري اٺ مڻ تازي ٻاڪري يا ريڍي ڀاڻ جا ملائجن. اهو ڀاڻ زمين کي ڏئي پوءِ انناس جا وڻ هڻجن. وڻن پوکڻ جو به سولو رستو اهو آهي ته هڪڙي ٽوڪري چڱن انناسن جي؛ بازار مان گهرائجي. ميوا کائي کپائي ڇڏجن، رڳو انهن جون پنن واريون چوٽيون پاڙان پٽي ڪنهن گَپ واريءَ کڏ ۾ هڻي ڇڏجن، ته انهن ۾ جيڪي اکيون لڪل رهن ٿيون سي پاڻهئي ڦٽي پونديون.[2] انناس کي روشني توڙي گرمي، توڙي گِهم جي گهڻي گهرج ٿئي ٿي. پوکڻ جو چڱو وقت آگسٽ سارو ۽ سيپٽمبر جو پهريون هفتو آهي. انناس جا پنج ڇهه قسم آهن، جي ميوي جي قد ۽ رنگ ۾ تفاوت رکن ٿا.nانناس کي انگريزيءَ ۾ پائن ائپل چون ٿا.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. انناس : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو