مواد ڏانھن هلو

ناريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ناريل

ناريل (Coconut) ناريل جي وڻ ۽ ان جي ميوي جو نالو آهي. ناريل جي کجيءَ جا گهڻا ئي قسم آهن، جي وڻ جي قد ۽ ميوي جي رنگ ۾ تفاوت رکن ٿا. هيءَ کجي اڪثر سمنڊ جي ڪناري وارن هنڌن ۾ چڱي ۽ گهڻي ٿيندي آهي. سيلون ۾ هڪڙو قسم ٿيندو آهي، جنهن کي شاهي ناريل سڏيندا آهن. اهو تمام سهڻو ۽ چمڪندڙ نارنگيءَ جي رنگ جهڙو ٿيندو آهي ۽ وڻ پندرهن يا ويهه فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. ٻيو بندري قسم جو به انهيءَ هنڌ عام آهي. هڪڙي قسم کي ته برهمني ناريل چوندا آهن، جنهن مان اڪثر کير ڪڍندا آهن.[1]

هڪڙو صاحب لکي ٿو ته مڙيئي ست قسم آهن، جي هتي پوکبا آهن. ٽي هندستان ۾ اندر ۽ چار سندس لاڳو ٻيٽن ۾. اهي ست هيٺين هنڌن تي خاص آهن. ڪارو مانڊل ڪنارو، ڪانارا، ملبار ڪنارو، مالديو ٻيٽ، اَڪيِم، جو مولڪس ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، نڪو بار ٻيٽ ۽ سيلون ٻيٽ.[1]

ناريل پوکئي کان ارڙهن يا اوڻيهين ڏينهن کان پوءِ زمين مان اک ڪڍي ٿو، جا عاج جهڙي اڇي ۽ لسي هوندي آهي ۽ شڪل ۾ به هاٿيءَ جي ڏند جهڙي ٿيندي آهي. پندرهن ويهن ڏينهن تائين ان جي اها شڪل قائم رهي ٿي؛ پوءِ نرم ۽ سرهي ٿيندي وڃي. انهيءَ حالت ۾ ڪچي توڙي ڪيريءَ ۾ پوهيل کائبي آهي، تمام لذيذ ٿيندي آهي. يوروپي ماڻهو وڏن وڏن کانن ۾ به آڻيندا آهن.

”ٽيننٽ“ صاحب لکي ٿو ته ”ناريل جي کجي جيئن سمنڊ جي ڪناري کان پرڀرو هوندي، تيئن ننڍو قد ڪندي ۽ ٿورو ڦر جهليندي. ننڍيءَ عمر ۾ هن کجيءَ کي جلد جلد پاڻي ڏيندو رهجي. پوکڻ جو رستو هي آهي: پڪو ناريل اپريل مهيني ۾ زمين ۾ هڻجي ۽ مٿانئس انچ جيتري واري يا سمنڊ جي ڪناري جي مٽي ۽ ڪک وجهي ڇڏجن. پوءِ ڏهاڙي پيو پاڻي ڏجيس، جيسين ڦٽي. سيپٽمبر ۾ وري اتان ڪڍي آڻي کڏ ۾ رکجي. اهڙيون کڏون ٽي فوٽ اونهيون هئڻ گهرجن ۽ هڪٻئي کان ويهه يا ٽيهه فوٽ پري هجن. انهن کڏن ۾ چڪين رکڻ کان اڳي، انهن جي پاڙن کي نرم مٽيءَ ۽ سمنڊ جي ڪکن يا گاهه سان ڍڪي ڇڏجي. پهرين ٻن سالن تائين انهن کي چڱيءَ طرح پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ سج جي تابش کان بچائجي. ناريل يا ٻي کجيءَ جا پن گڏي، پڙڇ وانگي ٺاهي ڇانو لاءِ مٿانئن کڻي رکجن. ٻن ورهين کان پوءِ پاڻي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. هڪ نه ٻئي ورهيه کان پوءِ، ننڍن وڻن کي لوڻ جو ڀاڻ ۽ سمنڊ جا ڪک وجهجن. پنجين ورهيه جي يا ڪڏهن ستين ورهيه جي پڇاڙيءَ ۾ ٻور نڪرندو آهي. سڀ ڪو ميوو يا ناريل جو داڻو پچڻ لاءِ هڪ ورهيه گهري ٿو. سيپٽمبر مهيني ۾ ناريل جي کجيءَ جون هيٺيون ڦرهيون وڍي ڇانگي ڇڏيندا آهن، جو انهيءَ ڪري زياده ڦر نڪرڻ جي اميد رهي ٿي.“[1]

ناريل ڪچو به کائبو آهي. بعضي مٺاڻ سان گڏي کائيندا آهن. بعضي ان کي تراشي، مصالح سان گڏي ڪم آڻيندا آهن. سڪائي به رکندا آهن، جنهن کي ڏُنگهي يا ڪوپرو يا کوپرو چوندا آهن. ڏُنگهيءَ مان تيل به نڪرندو آهي ۽ ڪي ماڻهو کائيندا به آهن ۽ ڪي مکيندا به آهن. ناريل کي انگريزيءَ ۾ ڪوڪو چون ٿا ۽ کجيءَ کي پام.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو