انصار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


انصار-(انگريزي: Ansar ) جو مطلب آهي اهي ماڻهو ، جيڪي مديني ۾ رهندڙ هئا ، -جن- نبي سڳوري ﷺ جي هجرت ڪري اچڻ وقت مسلمان مهاجرن جي مدد ڪئي ، ڇوته اهي اُن وقت هٿين خالي ۽ احتياجي حالت ۾ هئا . انصارن انهن کي خوشيءَ سان پنهنجي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪيو . -ان- کان علاوه انهن نبي سڳوري ﷺ سان گڏجي غزوات ۾ به حصو ورتو . قرآن شريف جي سورة ” انفال “ ۽ سورة ” توبه “ ۾ -انصار- جو ذڪر آيو آهي . -الله- تعاليٰ انهن جي -باري- ۾ پنهنجي خوشنوديءَ جو اظهار ڪيو آهي.[1] انصار عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي مددگار. اھي مديني ۾ رھندڙ ٻن وڏن قبيلن اوس ۽ خزرج مان ھيا جن 622 ۾ مسلمان ٿيا ۽ انھن ھجرت ڪري آيل مھاجرن جي مدد ڪئي[2]. انھن پيغمبر جي دشمنن سان ٿيل جنگن ۾ بھرو ورتو ۽ سندس وفات بعد بہ جنگن ۾ شامل رھيا. انھن عراق جي نئين فوجي شھر ڪوفي ۽ مصر جي فوجي شهر فستوت ۾ پڻ رھائش اختيار ڪئي. اھي وچ اوڀر جي فتح ڪيل علائقن ۾ وڏن عهدن تي پڻ فائز ٿيا[2]. انھن حضرت علي جي خليفي ٿيڻ جي حمايت ڪندڙن ۾ ھئا. انھن عباسين جي بنو اميہ وارن جي خلاف انقلاب جي پڻ حمايت ڪئي[2]. انھن يثرب ڏانھن ھجرت کان اڳ پيغمبر آڏو عقبہ واري بعيت ڪئي ھئي جنھن ۾ اوس جي بني عبدالشال ۽ خزرج جا بني سلمه وارا انصار شامل ھيا. انھن پنھنجي ٻچن وانگر پيغمبر جي حفاظت يا دفاع يا نصر جو واعدو ڪيو ھيو. کين ان بعيت جي ڪري حواري سڏيو ھو

نالو[سنواريو]

لفظ انصار عربي جي لفظ نصر جو جمع آهي جنھن جي معني آهي مدد يا مدد ۽ گرفتاري[3]. اھا ڪنھن فرد يا گروھ جي ڪنھن تڪرار يا لڙائي ۾ مدد ھوندي آھي.

انصار شاعر[سنواريو]

مديني ۾ پيغمبر صہ جي وقت ٽي انصاري شاعر مشھور ھيا جن ۾ حسن بن ثابت، ڪعب بن مالڪ]] ۽ عبدالله ابن روحہ شامل ھيا.

حوالا[سنواريو]

  1. انصار : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 45,
  3. ترتیب‌العین، ص 808؛ مقاییس اللغه، ج 5، ص 435؛ لسان‌العرب، ج 14، ص 160؛ «نصر».