مواد ڏانھن هلو

حواري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
"دي لاسٽ سپر"، 15هين صدي عيسوي جي آخر ۾ ليونارڊو دا ونسي جي ٺاهيل هڪ ديواري پينٽنگ، حضرت عيسيٰ ۽ سندس ٻارهن حوارين جي صليب تي چڙهڻ جي موقعي تي رات جي آخري ماني (The Last Supper) جي تصوير آهي. سانتا ماريا ڊيلي گرازي، ميلان.
14هين صدي جو روسي بولي ۾ ٻارهن حوارين جو نحوي نسخو (Synaxis)، ماسڪو ميوزيم

حواري يا رسول (Apostle)، بالعموم حضرت عيسي عليه السلام جي ساٿين جي لاء استعمال ٿيندو آھي، جنھن جي تعداد 12 ھئي. ھي لفظ قبطي ٻولي کان ورتو ويو آھي، جنهن جا معنيٰ ساٿي يا اڇي پوشاڪ يا اڇي چمڙي وارو آهي.

عيسائي علم الاهيات ۽ ڪليسيا ۾، حواري يا رسول (Apostle) خاص طور تي ٻارهن حوارين، جن کي ٻارهن شاگرد چيو ويندو آهي، حضرت عيسيٰ عليه السلام جا بنيادي شاگرد هئا. نئين عهد نامي جي مطابق، پهرين صدي عيسوي ۾ حضرت عيسيٰ جي زندگي ۽ خدمت دوران، رسول سندس ويجها پوئلڳ هئا ۽ عيسيٰ جي خوشخبري جي پيغام (Gospels) جا بنيادي استاد بڻجي ويا.[1] لوقا جي انجيل مان نڪتل هڪ مشرقي عيسائي روايت پڻ آهي، ته عيسيٰ جي خدمت دوران ستر رسول هئا.[2]

عيسي جي خدمت دوران ٻارهن رسولن جو مقرر ٿيڻ، سنوپٽڪ انجيل ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سندس ٻيهر جيئرو ٿيڻ کان پوءِ، عيسيٰ انهن مان يارهن کي، جيئن ته يهودا اسڪريوت ان وقت تائين مري چڪو هو، عظيم ڪميشن ذريعي موڪليو ته جيئن سڀني قومن تائين سندس تعليمات پکيڙي سگهي.

پال جي خطن ۾ پال، جيتوڻيڪ هو پاڻ اصل ٻارهن شاگردن مان نه هو، پر هو پاڻ کي رسول طور بيان ڪندي چيو ته کيس، دمشق جي رستي واري واقعي دوران،[3] جيئرو ٿيل عيسيٰ پاڻ رسول سڏيو هو. هو بعد ۾ پاڻ کي "غير قومن جو رسول" (Apostle of Gentiles) طور بيان ڪري ٿو.[4] ٻارهن رسولن جي زندگي جي دور کي، ابتدائي عيسائيت جي تاريخ ۽ لاڳاپيل واقعن ۾ "رسولن جو دور" (Apostolic age) سڏيو ويندو آهي.

حضور جن صلي الله عليه وسلم به ٻئي بيعت عقبه جي موقعي تي انصار کي پنهنجو حواري بڻايو ھيو جن مان 9 بنو خزرج جا ۽ ٽي بنو اوس جا ھئا. ڪجهه ماڻھن جو خيال ھي سڀ قريش ئي ھئا. رسول الله جي ڦڦاٽ، حضرت زبير بن العوام رضي الله تعالي عنه کي به "حواري رسول" چيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. ""Apostle", Britannica.com". اصل نسخو مان 3 June 2020 تي محفوظ ڪيل. 24 May 2020 تي حاصل ڪيل.
  2. "Synaxis of the Seventy Apostles". www.oca.org. The Orthodox Church in America. 22 April 2024 تي حاصل ڪيل.
  3. Romans 1:1
  4. Romans 11:13

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]