اينڊروئيڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاءِ ٻيو استعمال, ڏسو Android (disambiguation)۔
اينڊروئيڊ
A flat robot head, a bright sea green semicircle with antennas and small holes for eyes. To the left of the head is the word "android" in a lowercase black sans serif font.
Logo since 2019
لکيو ويو Java (UI), C (core), C++ and others[1]
او ايس خاندان يونيڪس لائيڪ (موڊيفائيڊلنڪس ڪرنيل)
ڪم جي حالت هلندڙ
سورس ماڊل اوپن سورس
شروعاتي اشاعت سيپٽمبر 23, 2008؛ 15 سال اَڳُ (2008-09-23)[2]
Latest release اينڊروئيڊ 10 / سيپٽمبر 3, 2019؛ 4 سال اَڳُ (2019-09-03)[3]
مارڪيٽنگ حدف Smartphones, tablet computers, smart TVs (Android TV), Android Auto and smartwatches (Wear OS)
ميسر آھي 100+ languages[4]
Update method Over-the-air
Package manager APK-based
Platforms 32- and 64-bit ARM, x86 and x86-64
Kernel type Linux kernel
Userland Bionic libc,[5] mksh shell,[6] Toybox as core utilities (beginning with Android 6.0)[7][8]
Default user interface Graphical (multi-touch)
License
ويبسائيٽ www.android.com
Articles in the series
Android version history

اينڊروئيڊ (اردو: اینڈروئیڈ، انگريزي ٻولي: Android (operating system)) سمارٽ فونز ۽ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽرن لاءِ لينڪس تي مبني هڪ آپريٽنگ سسٽم آهي. هي اوپن هينڊسيٽ اتحاد، گوگل ۽ چند ٻين واپاري اِدارن گڏجي تيار ڪيو. شروعات ۾ هِن آپريٽنگ سسٽم کي انڊرائيڊ ڪمپني طرفان ٺاهيو ويو. جنهن کي بعد ۾ 2005ع تي گوگل طرفان خريد ڪيو ويو. اينڊروئيڊ کي 2007 ۾ عوام ۾ ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته ايڇ ٽي سي موبائيل ڪمپني طرفان سيپٽمبر 2008 ۾ متعرف ڪرايو ويو. اينڊروئيڊ جو هلندڙ ورجن 10.0 آهي جنهن کي اينڊروئيڊ 10 جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪو 3 سيپٽمبر 2019 ۾ متعرف ڪيو ويو. اينڊروئيڊ جي اوپن سورس ڪوڊ کي اينڊروئيڊ اوپن سورس پروجيڪٽ (اي او ايس پي) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن کي اختياري اپاچي لائينس طرفان مليل آهي.

تاریخ[سنواريو]

اينڊروئيڊ انڪارپوريٽڊ متحده آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ 2003 ۾ قائم ٿِي جنهن کي 2005 ۾ گوگل خريد ڪيو هو. 2007 ۾ اوپن هينڊسيٽ اتحاد نالي هڪ تنظيم سامهون آئي جنهن ۾ ڪُجهه واپاري ادارا بروڊڪام ڪارپوريشن، گوگل، ايڇ.ٽي.سِي، انٽيل، ايل.جي، مارويل ٽيڪنالاجي گروپ، موٽورولا، نويڊيا، والڪوم، سامسنگ اليڪٽرانڪس، سپرنٽ نيڪسٽل، ٽي_موبائل ۽ ٽيڪساس انسٽرومنٽس شامل هُئا

فيچرز[سنواريو]

انٽرفيس[سنواريو]

اينڊروئيڊ جو صارِف انٽرفيس سِڌي حرڪت تي مشتمل آهي، ٽَچ اِنپُٽ استعمال ڪرڻ مهل حقيقي دنيا جيان لڳندو آهي، جيئن اسڪرين تي پيل شين کي گھِلي ٻئي جاءِ تي منتقل ڪرڻ.

ايپليڪيشنز[سنواريو]

ايپليڪيشنز (ايپس) جيڪي اينڊروئيڊ ڊوائيس جي فنڪشن کي هلائن ٿيون، ”اينڊروئيڊ سافٽويئر ڊولپمينٽ ڪِٽ“ کي استعمال ڪندي لکيون ويون آهن، انکان علاوه ”جاوا“ پروگرامنگ ٻولِي کي پڻ اينڊروئيڊ تي مڪمل اختيار حاصل آهي. ايپليڪيشن ٺاهڻ لاءِ مختلف سافٽويئر استعمال ڪيا وڃن ٿا، ڊسمبر 2014 ۾ گوگل پاران ”اينڊروئيڊ اسٽوڊيو“ نالي هڪ سافٽويئر لانچ ڪيو ويو جيڪو اينڊروئيڊ ايپليڪيشن ٺاهڻ لاءِ IntelliJ IDEA تي مشمل آهي.

ورجن (نسخا)[سنواريو]

اينڊروئيڊ جي ڊسمبر 2009 کان پوءِ ، سيپٽمبر 2015 جو اينڊروئيڊ ورجن 4.4 ”ڪِٽڪيٽ KitKat“ سڀ کان وڌيڪ مشهور اينڊروئيڊ ورجن آهي جيڪو 39.2% اينڊروئيڊ ڊوائسز ۾ موجود آهي. ٻئين نمبر تي ”جيلي بِينJelly Bean“ جا مختلف ورجن آهن (4.1–4.3.1). هر اينڊروئيڊ ورجن کي الڳ نالو ڏنو ويندو آهي، اينڊروئيڊ جا سڀئي ورجن هيٺ ڏجن ٿا.

  1. اينڊروئيڊ ایلفا
  2. اينڊروئيڊ بِیٽا
  3. اينڊروئيڊ 1.5 ڪپ ڪيڪ
  4. اينڊروئيڊ 1.6 ڊونٽ
  5. اينڊروئيڊ 2.0 ایڪلیر
  6. اينڊروئيڊ 2.2 فرویو
  7. اينڊروئيڊ 2.3 جنجربریڊ
  8. اينڊروئيڊ 3.0 هني ڪومب
  9. اينڊروئيڊ 4.0 آئس ڪريم سينڊوچ
  10. اينڊروئيڊ 4.1 جیلي بین
  11. اينڊروئيڊ 4.4 ڪِٽ ڪيٽ
  12. اينڊروئيڊ 5.0 لالي پوپ
  13. اينڊروئيڊ 6.0 مارشمیلو
  14. اينڊروئيڊ 7.0 نگٽ
  15. اينڊروئيڊ 8.0 اوريو
  16. اينڊروئيڊ 9.0 پائي
  17. اينڊروئيڊ 10.0 انڊرائيڊ 10

حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Programming Languages
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named First Release
  3. Bohn, Dieter. "Android 10 officially released for Google Pixel phones". The Verge. 
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Languages
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Bionic Userland
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Korn Userland
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Toybox Userland
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Toybox Userland 2
  9. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named License