انجمن فروغ ادب جيڪب آباد
ڏيک
انجمن فروغ ادب جيڪب آباد، هيءَ ادبي تنظيم 1956ع ڌاري وجود ۾ آئي. جنهن جو صدر ناليوارو شاعر عبدالڪريم گدائي، سيڪريٽري محي الدين نظامي ۽ شجاعت علي هئا. هن انجمن طرفان فيبروري 1959ع ۾ ٻه روزه سنڌي اردو ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن اردو ۽ سنڌي شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |