انباھ ۾ آڙاھ (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ڪتاب درگاھ انباھ شريف جي ٽئين نمبر سجاده نشين داتا ولايت علي شاھ جي چونڊ ڪافين جو مجموعو آهي. جيڪو نوجوان شاعر ۽ محقق سيد مھدي شاھ فياضيءَ مدئجيءَ واري ترتيب ڏئي 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن 106 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪتاب ۾ 100 ڪافيون شامل آهن. جڏهن ته داتا سائينءَ جي درگاھ تي موجود قلمي نسخي ۾ 371 ڪافيون، 48 بيت ۽ سہ حرفيون شامل آهن. جن مان پهرين ڪڙيءَ طور 100 ڪافين جو ڪتاب ”انباھ ۾ آڙاھ“ (يعني انباھ ۾ عشق جو آڙاھ) ترتيب ڏئي ڇپايل آهي. انهن ڪافين کي راڳ وار ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ سدا سهاڳڻ ڀيرويءَ کان روپ آسا تائين هر راڳ جي ڳائڻ واري مقرر وقت مطابق رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ هر راڳ يا روپ ۾ جيڪي ڪافيون شامل آهن، تن کي الف ب وار ترتيب ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي ۽ داتا فيض درياھ اڪيڊمي ڊکڻ ضلعي شڪارپور پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]