مواد ڏانھن هلو

انباھ شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

درگاهه -انباهه شريف-، ضلعي شڪاپور جي لکي تعلقي ۾ چڪ جي اوڀر- -اتر- طرف آهي، جيڪو اصل ۾ صوفي درگاهه نوشهري فيروز جي صوفي شاعر شاهه نصير الدين -اول- جو صحبتي، همعصر ۽ طالب هو ۽ هن درگاهه جو سلسلو اڄ تائين شاهه نصير جي درگاهه سان قائم آهي. هن درگاهه جو پهريون گادي نشين سائين -تاج- محمد شاهه -اول-، ٻيو سائين بگن شاهه -اول- ۽ ٽيون داتا ولايت علي شاهه هو. کانئن پوءِ بگن شاهه دوم چوٿون گادي نشين ٿيو ۽ هن وقت پنجون گادي نشين سائين جان محمد شاهه آهي. جيئن ته هيءَ درگاهه ڪچي جي ڀرسان درياهه جي بند/ جهلي -بند- لڳ آهي، -ان- ڪري درياهه ۾ جڏهن به چاڙهه ايندو هو ته -بند- اندر رهندڙ ڪچي جا ماڻهو ۽ مال انبوهن جي صورت ۾ هتي اچي آجهاپ ڪندا هئا. اهو لفظ ’انبوهه‘ غلط العام ٿي ”انباهه“ ٿي ويو ۽ اڄ هن درگاهه کي ”-انباهه شريف-“ سڏيو وڃي ٿو. هتي هر سال 11 شوال تي سائين فيض درياهه شاهه جو وڏو عُرس ۽ ميلو لڳندو آهي -ان- کانسواءِ ٻيا ننڍا ميلا لڳندا آهن، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ مان عقيدتمند هتي اچي حاضري ڀريندا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]