ام ابي ھريره

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اصحابياڻي، اميمہ بنت صعيح بن حارث، حضرت ابو هريره رضي الله عنه جي والده سڳوري. جنھن لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مسلمان ٿيڻ جي دُعا گهري هئي. هڪ ڏينھن هن پنھنجي پٽ ابو هريره سان ڪاوڙجي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن بابت گُٿا لفظ ڳالھايا. ان تي ابو هريره کي تمام گهڻو صدمو پھتو ۽ پاڻ ڪريمن صہ جي خدمت ۾ روئي عرض ڪيائين تہ منھنجي ماءُ جي حق ۾ دُعا گهرو تہ جيئن مسلمان ٿئي. حضور پاڪ صہ جن دعا گهري. تان جو الله تعاليٰ دعا قبول فرمائي ۽ اُم ابي هريره سچي مسلمان ٿي وئي.[1]

حوالا[سنواريو]