امپريس مارڪيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

-امپريس مارڪيٽ- انگريزن جي دور جو يادگار آهي ۽ ڪراچيءَ جي مرڪز ۾ واقع آهي. ڪراچيءَ جي هن وڏي مارڪيٽ جي بنياد جو -پٿر- سال ١٨٨٤ع ۾ رکيو ويو ھو پر پيسن جي نه ھجڻ سبب ڪم جي شروعات سال ١٨٨٩ع ۾ مڪمل ٿي. ھن جو نقشو جيمس اسٽريچن جو ٺاھيل، رھائشي گوٿڪ طرز جو ھو. مارڪيٽ جو دروازو، مھاڙيءَ طور پريڊي اسٽريٽ طرف ٢٣١ فوٽ اوچو آھي“ -ان- جي چوڌاري چار گيلريون ھرھڪ ٤٠ فوٽن جي ٺھيل آھي. وچون حاطو 130x100 فوٽن جو آھي. بالڪونيءَ کي -پٿر- جون گھوڙيون ڏنل آھن، جنھن تي ڪيترائي نقش نڪتل آھن مارڪيٽ جو وچون ٽاور ١٤٠ فوٽ اوچو آھي. جنھن تي خوبصورت گھڙيال لڳل آھي، جيڪو چوويهه ڪلاڪ ھلندو رھي ٿو. ھي گھنٽا گھر ڪرافورڊ بمبئيءَ واري گھڙيال گھر کان ١٢ فوٽ اوچو آھي. گھڙيال جنهن جي لڳل آھن. ھتي ھڪ -باغ- به ٺاھيو ويو ھو، جيڪو ھينئر اسٽال ھڻندڙن جي قبضي ۾ اچي ويو آھي. ايمپريس مارڪيٽ جي ٺھڻ کان پوءِ ھي ڪراچيءَ جي ستن مارڪيٽن مان ھڪ ھئي. ھتي ڪل ٢٨٠ دڪان ٺاھيا ويا ھئا.[1]

حوالا[سنواريو]