اميشا پٽيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اميشا پٽيل

اميشا 2012 ۾ ماڊلنگ دوران
پيدائش اميشا اميت پٽيل
جون 1975 (عمر 48 سال)
ممبئي، مھاراشٽرا، انڊيا
رھائش ممبئي
قوميت انڊين
بُڻ بُڻياد گجراتي
پيشو اداڪاره ، فلم پروڊيوسر ۽ ماڊل
سَرگَرمُ سالَ 2000–ھيل تائين
مذھب ھندو ازم
ماءُپيءُ آشا پٽيل
اميت پٽيل
رشتيدار اشميت پٽيل (ڀاء)

اميشا پٽيل:(انگريزي: Ameesha Patel )-pronounced [əˈmi:ʂa: pəˈʈe:l] تاريخ 9 آڪٽوبر 1975 ۾ پيدا ٿيندڙ ھي ڀارتي اداڪاره ۽ ماڊل 2000 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ڪھو نا پيار ھي جي ھيروئن جي حيثيت سان بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو. ھن تيلگو فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي.ھن جي ٻي فلم غدر بہ وڏي شھرت ماڻي.[1] جنھن تي کيس فلم فيئر جو اسپيشل پرفارمنس جو ايوارڊ مليو. ھن جي فلم ھمراز تي بيسٽ ايڪٽر لاءِ فلم فيئر ايوارڊ لاء چونڊ ٿي.

ذاتي زندگي[سنواريو]

ھن جو جنم گجراتي خاندان ۾ اميت پاٽيل ۽ آشا پاٽيل کي گھر ۾ ٿيو . [2] ھيء مشھور بئريسٽر رجني پاٽيل جي پوٽي آھي. پنجن سالن جي عمر ۾ ھن ڀرٽانٽيئم ڊانس سکڻ شروع ڪئي[3]

اميشا پاٽيل جي 2009 ۾ نڪتل تصوير

ھن جي نالو پيء جي نالي جي پھرين ٽن اکرن ۽ ماء جي نالي جي پوين ٻن اکرن مان نڪتل آهي.ھن ممبئي جي ڪئٿيڊرل اينڊ جان ڪينان اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ، گريجوئيشن مئسچوسٽس،آمريڪا جيٽفٽس يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ ڪئي ۽ ڪيريئر جي شروعات کندوالا سڪيورٽيز لميٽيڊ ۾ ايڪانامڪ انالائسسٽ جي نوڪري سان ڪئي پوء انڊيا واپس اچي ستياديو ڊوبي جي ٿيٽر ۾ ڪم شروع ڪيائين جتي1999 ۾ تنوير خان جي اردو ڊرامي نيلم ۾ ڪم ڪيائين[4] ان سان گڏ ماڊلنگ بہ شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ڪمرشل ايڊورٽائيزن ۾ ماڊلنگ ڪيائين. ان کان پوءِ باليووڊ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکي نامور اداڪارہ بڻجي وئي. ھن 2001 ۾ پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني اميشا پٽيل پراڊڪشنز جو بنياد وڌو

Patel in 2015

فلموگرافي[سنواريو]

نشان
alt= link= فلمون جيڪي اڃان رليز نہ ٿيون آھن
Year Title Role Notes
2000 ڪھو نا پيار ھي سونيا سڪسينہ
2000 بدري سارايو تيلگو فلم
2001 غدر:اڪ پريم ڪٿا سڪينہ اسپيشل پرفارمنس جو فلم فيئر ايوارڊ مليس

فلم فيئر ايوارڊ لاء بھترين اداڪاره جي چونڊ ۾ شامل

2001 يہ زندگي ڪا سفر سرينہ ديوان
2002 ڪرانتي سنجنا راء
2002 ڪيا يھي پيار ھي سنڌيا پاٽل
2002 آپ مجھي اڇي لگني لگي سپنا
2002 ھمراز پريا فلم فيئر ايوارڊ جي بھترين اداڪاره لاء چونڊ
2002 يہ جي جلوا سونيا سنگھ
2003 پوڌيا گيٿائي جو تامل فلم
2003 پروانہ پوجا
2004 سنو سسر جي ڪرن سڪسينہ
2004 ناني پريا تيلگو فلم
2005 واعدہ پوجا ورما
2005 اعلان پريا
2005 ضمير: د فائر ودن پوجا کنا / چوھاڻ
2005 نرسھمودو سوبا لڪشمي تيلگو فلم
2005 منگل پانڊي: د رائيزنگ جوالا
2006 ميري جيون ساٿي انجلي
2006 ھم ڪو ڪم سي پيار ھي درگا
2006 تيسري آنک : د ھڊن ڪيميرا آمو
2006 تٿاستو ساريتا راجپوت
2006 آنکين ننديتا سڪسينہ
2006 آپ ڪي خاطر شيراني کنا
2007 ھني مون ٽريولز پرائيويٽ لميٽيڊ پنڪي ڪپور
2007 ھئي بيبي پاڻ اسپيشل اپيئرنس ٽائيٽل گاني ۾
2007 ڀول ڀليان راڌا
2007 اوم شانتي اوم پاڻ خصوصي شرڪت
2008 ٿوڙا پيار ٿوڙا ميجڪ ملائڪا خصوصي شرڪت
2011 پرما ويرا چڪرا رجني تيلگو فلم
2011 چتر سنگھ ٽو اسٽار سونيا ورما
2013 ريس 2 چيري خصوصي شرڪت
2013 شارٽ ڪٽ روميو مونيڪا
2017 آڪاتئي ڊانسر خصوصي شرڪت گاني ۾ [5]
2018 ديسي ميجڪ سونيا سڪسينہ/ ماھي ڊيئول فلم اڃان تياري ھيٺ[6]
2018 ڀيا جي سپر ھٽ' ڀوميڪا فلم تياري ھيٺ[7]

حوالا[سنواريو]