اميشا پٽيل
| اميشا پٽيل | |
|---|---|
اميشا 2012 ۾ ماڊلنگ دوران | |
| پيدائش | اميشا اميت پٽيل 9 June 1975 ممبئي، مھاراشٽرا، انڊيا |
| رھائش | ممبئي |
| قوميت | انڊين |
| بُڻ بُڻياد | گجراتي |
| پيشو | اداڪاره ، فلم پروڊيوسر ۽ ماڊل |
| سَرگَرمُ سالَ | 2000–ھيل تائين |
| مذھب | ھندو ازم |
| ماءُپيءُ | آشا پٽيل اميت پٽيل |
| رشتيدار | اشميت پٽيل (ڀاء) |
اميشا پٽيل:(انگريزي: Ameesha Patel )-pronounced [əˈmi:ʂa: pəˈʈe:l] تاريخ 9 آڪٽوبر 1975 ۾ پيدا ٿيندڙ ھي ڀارتي اداڪاره ۽ ماڊل 2000 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ڪھو نا پيار ھي جي ھيروئن جي حيثيت سان بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو. ھن تيلگو فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي.ھن جي ٻي فلم غدر بہ وڏي شھرت ماڻي.[1] جنھن تي کيس فلم فيئر جو اسپيشل پرفارمنس جو ايوارڊ مليو. ھن جي فلم ھمراز تي بيسٽ ايڪٽر لاءِ فلم فيئر ايوارڊ لاء چونڊ ٿي.
ذاتي زندگي
[سنواريو]ھن جو جنم گجراتي خاندان ۾ اميت پاٽيل ۽ آشا پاٽيل کي گھر ۾ ٿيو . [2] ھيء مشھور بئريسٽر رجني پاٽيل جي پوٽي آھي. پنجن سالن جي عمر ۾ ھن ڀرٽانٽيئم ڊانس سکڻ شروع ڪئي[3]

ھن جي نالو پيء جي نالي جي پھرين ٽن اکرن ۽ ماء جي نالي جي پوين ٻن اکرن مان نڪتل آهي.ھن ممبئي جي ڪئٿيڊرل اينڊ جان ڪينان اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ، گريجوئيشن مئسچوسٽس،آمريڪا جيٽفٽس يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ ڪئي ۽ ڪيريئر جي شروعات کندوالا سڪيورٽيز لميٽيڊ ۾ ايڪانامڪ انالائسسٽ جي نوڪري سان ڪئي پوء انڊيا واپس اچي ستياديو ڊوبي جي ٿيٽر ۾ ڪم شروع ڪيائين جتي1999 ۾ تنوير خان جي اردو ڊرامي نيلم ۾ ڪم ڪيائين[4] ان سان گڏ ماڊلنگ بہ شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ڪمرشل ايڊورٽائيزن ۾ ماڊلنگ ڪيائين. ان کان پوءِ باليووڊ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکي نامور اداڪارہ بڻجي وئي. ھن 2001 ۾ پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني اميشا پٽيل پراڊڪشنز جو بنياد وڌو

فلموگرافي
[سنواريو]| فلمون جيڪي اڃان رليز نہ ٿيون آھن |
| Year | Title | Role | Notes |
|---|---|---|---|
| 2000 | ڪھو نا پيار ھي | سونيا سڪسينہ | |
| 2000 | بدري | سارايو | تيلگو فلم |
| 2001 | غدر:اڪ پريم ڪٿا | سڪينہ | اسپيشل پرفارمنس جو فلم فيئر ايوارڊ مليس فلم فيئر ايوارڊ لاء بھترين اداڪاره جي چونڊ ۾ شامل |
| 2001 | يہ زندگي ڪا سفر | سرينہ ديوان | |
| 2002 | ڪرانتي | سنجنا راء | |
| 2002 | ڪيا يھي پيار ھي | سنڌيا پاٽل | |
| 2002 | آپ مجھي اڇي لگني لگي | سپنا | |
| 2002 | ھمراز | پريا | فلم فيئر ايوارڊ جي بھترين اداڪاره لاء چونڊ |
| 2002 | يہ جي جلوا | سونيا سنگھ | |
| 2003 | پوڌيا گيٿائي | جو | تامل فلم |
| 2003 | پروانہ | پوجا | |
| 2004 | سنو سسر جي | ڪرن سڪسينہ | |
| 2004 | ناني | پريا | تيلگو فلم |
| 2005 | واعدہ | پوجا ورما | |
| 2005 | اعلان | پريا | |
| 2005 | ضمير: د فائر ودن | پوجا کنا / چوھاڻ | |
| 2005 | نرسھمودو | سوبا لڪشمي | تيلگو فلم |
| 2005 | منگل پانڊي: د رائيزنگ | جوالا | |
| 2006 | ميري جيون ساٿي | انجلي | |
| 2006 | ھم ڪو ڪم سي پيار ھي | درگا | |
| 2006 | تيسري آنک : د ھڊن ڪيميرا | آمو | |
| 2006 | تٿاستو | ساريتا راجپوت | |
| 2006 | آنکين | ننديتا سڪسينہ | |
| 2006 | آپ ڪي خاطر | شيراني کنا | |
| 2007 | ھني مون ٽريولز پرائيويٽ لميٽيڊ | پنڪي ڪپور | |
| 2007 | ھئي بيبي | پاڻ | اسپيشل اپيئرنس ٽائيٽل گاني ۾ |
| 2007 | ڀول ڀليان | راڌا | |
| 2007 | اوم شانتي اوم | پاڻ | خصوصي شرڪت |
| 2008 | ٿوڙا پيار ٿوڙا ميجڪ | ملائڪا | خصوصي شرڪت |
| 2011 | پرما ويرا چڪرا | رجني | تيلگو فلم |
| 2011 | چتر سنگھ ٽو اسٽار | سونيا ورما | |
| 2013 | ريس 2 | چيري | خصوصي شرڪت |
| 2013 | شارٽ ڪٽ روميو | مونيڪا | |
| 2017 | آڪاتئي | ڊانسر | خصوصي شرڪت گاني ۾ [5] |
| 2018 | ديسي ميجڪ | سونيا سڪسينہ/ ماھي ڊيئول | فلم اڃان تياري ھيٺ[6] |
| 2018 | ڀيا جي سپر ھٽ' | ڀوميڪا | فلم تياري ھيٺ[7] |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "All Time Earners Inflation Adjusted (Figures in Ind Rs)". BoxOfficeIndia.Com. 2007-02-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ameesha Patel to do dandiya!". www.mid-day.com.
- ↑ Verma, Sukanya (22 November 1999). "'It's unfair to have just one goal in life'". Rediff. 29 April 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Savvy Gehna Mehra. "Gadar's special, very very special". Screen Weekly. 2000-07-07 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Check date values in:|accessdate=(مدد); Italic or bold markup not allowed in:|publisher=(مدد) - ↑ "Patel to do a special song !".
- ↑ "Ameesha finds director for next film". Times of India. 15 July 2012. اصل نسخو مان 2013-11-02 تي محفوظ ڪيل. 2012-07-15 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ M Shah, Kunal (17 December 2011). "Ameesha, Sunny reunite after 10 years". Times of India. اصل نسخو مان 2013-11-02 تي محفوظ ڪيل. 2011-12-17 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: Italic or bold markup not allowed in:|publisher=(مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- CS1 errors: markup
- CS1 errors: dates
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: redundant parameter
- ايڪيهين صدي جون ڀارتي اداڪارائون
- ڀارتي فلمي اداڪارائون
- تامل سئنيما ۾ اداڪارائون
- تيلگو سئنيما ۾ اداڪارائون
- پنجابي عورتون
- جيوت ماڻهو
- جيئرا ماڻهو
- سنڌي ماڻھو
- سنڌي نسل جا هندوستاني ماڻھو
- گجراتي ماڻهو
- ھندي سنيما ۾ اداڪارائون
- ممبئي جون اداڪارائون
- ويهين صدي جون ڀارتي اداڪارائون
- 1975ع جون پيدائشون