امداد جعفري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعر ۽ تنقيدنگار، امداد جعفري ولد سيد غلام رسول شاھ، 15 جنوري 1970ع تي ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو. سندس اصل نالو سيد امداد علي شاھ آهي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم هاءِ اسڪول ڀليڏني ڪاڪا مان ۽ انٽر هالا ڪاليج مان ڪيائين. ايم. اي (سوشيالاجي)۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، جڏهن تہ ايم. ايڊ، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ، ٽنڊي ڄام مان ڪيائين. 1997ع ۾، سوشل ويلفيئر آفيسر لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پهريون نمبر کنيائين. هن جي ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ تنقيد نگار جي اٿس. سنڌ جي سڀني رسالن ۽ مخزنن ۾ سندس شاعري ۽ تنقيدي ادبي مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا. سماجي حوالي سان مختلف علائقائي تنظيمن ۾ پڻ رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]