امتياز قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قاضي سچيڏني مرحوم (ڊپٽي ڪمشنر) جو پنجون نمبر فرزند -امتياز قاضي-، 2 -جنوري- 1953ع تي، جيڪب آباد ۾ ڄائو. سندس تعلق خيرپور ميرس جي -بلوچ- قبيلي جي ”هوت“ خاندان سان آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾، خيرپور ۾ سندس وڏن کي ”فتويٰ“ ۽ ”قضا“ جي خدمت سبب ”قاضيءَ“ جو لقب مليو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ گرئجوئيشن’سينٽ پئٽرڪ‘ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي ڪيائين. اتي ئي ٻن سالن کان مٿي انٽرنئشنل رليشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچررشپ دوران سي. -ايس-. -ايس- جو امتحان نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. 1980ع ڌاري اسسٽنٽ ڪمشنر هالا مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي، جيڪب -آباد-، لس ٻيلي ۽ ڪراچي اِيسٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر رهيو. ڪجهه عرصو واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ زراعت ۽ خوراڪ جو ڪائونسلر به رهيو. اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ مختلف اعليٰ انتظامي عهدن تي رهڻ کان پوءِ 1996ع ۾ ميرپورخاص ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ٿيو ۽ نومبر 1999ع کان مئي 2001ع جي پهرئين هفتي تائين حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر رهيو ۽ پوءِ خيرپور ميرس جو D.C.O مقرر ڪيو ويو. -ان- کان سواءِ ائڊيشنل سيڪريٽري ايريگيشن ۽ انڊسٽريز، وفاقي وزارت داخلا ۾ ائڊيشنل سيڪريٽري ۽ هن وقت سوشل ويلفيئر ۽ اسپيشل ايڊيوڪيشن جو وفاقي سيڪريٽري آهي. سندس اصول پرستي، انصاف نوازي ۽ ايمانداري ”مثالي“ حيثيت رکي ٿي. مطالعي سان شوق ۽ ادبي ذوق ورثي ۾ مليل اٿس. 1967ع ڌاري ”خيام“ تخلص سان شاعري به ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ سادگي ۽ پاڪيزگي نمايان آهي.[1]

حوالا[سنواريو]