امام ترمذي
امام ترمذي | |
---|---|
(عربي ۾: الترمذی, محمد بن عيسى)[1] | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 825 [2][3][4] |
موت | سال 892 (66–67 سال)[5][6][7] |
شھريت | خلافت عباسيہ |
عملي زندگي | |
استاد | امام بخاري ،امام مسلم ،امام ابو دائود |
پيشو | امام |
دلچسپي | حديثي ادب |
تحريڪ | سني |
ترميم |
امام ترمذي (206ھ/821ع) ۾ ايران جي ’بوغ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. محدث امام ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو اصل نالو محمد بن عيسيٰ بن سوده بن موسيٰ بن ضحاڪ هو ۽ سندس ڪنيت ابوعيسيٰ هئي. ترمذ ۾ رهائش سبب ترمذي مشھور ٿيو.
امام ترمذي، امام بخاريءَ جو شاگرد هو. بعد ۾ امام مسلم، امام ابودائود ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن کان علمي استفادو حاصل ڪيائين. حديث جي طلب ۾ ڪيترن ئي علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين ۽ حديثن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيائين، جيڪو ”جامع ترمذيءَ“ جي نالي سان مشھور آهي ۽ حديث جي ڇهن مستند ڪتابن: ”صحاح ستہ“ ۾ شامل آهي. جامع ترمذيءَ کان علاوه هن ”شمائل ترمذي“ بہ لکيو. ”جامع ترمذيءَ“ جون 17 شرحون آهن ۽ ”شمائل ترمذي“ جون 14 يا 15 شرحون آهن.
امام ترمذيءَ جي باري ۾ اها بہ روايت آهي تہ پاڻ پيدائشي نابين هو. ٻيءَ روايت موجب، خدا جي خوف جي ڪري مسلسل روئڻ سبب نابين ٿي ويو هو. 17 رجب 279ھ/13 آڪٽوبر 892ع تي وفات ڪيائين.[8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 GND ID: https://d-nb.info/gnd/118997599
- ↑ GND ID: https://d-nb.info/gnd/118997599 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb15045493t — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ Deutsche Biographie (GND) ID: https://www.deutsche-biographie.de/118997599.html — عنوان : Deutsche Biographie — ناشر: Bavarian State Library ۽ Historical Commission of the Bavarian Academy of Sciences — اجازت نامو: Creative Commons Attribution-NonCommercial-NoDerivatives 4.0 International
- ↑ GND ID: https://d-nb.info/gnd/118997599 — اخذ شدہ بتاریخ: 17 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ Diamond Catalog ID for persons and organisations: https://opac.diamond-ils.org/agent/975 — subject named as: Muḥammad ibn ʿĪsā ibn Sawra al-Tirmiḏī
- ↑ National Library of Spain ID: https://datos.bne.es/resource/XX5453903 — subject named as: Muḥammad ibn ʻIsá ibn Sawraẗ al- Tirmiḏī — عنوان : El portal de datos bibliográficos de la Biblioteca Nacional de España — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ امام ترمذي – انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.