امام بري
| امام بري | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | ننڍو کنڊ |
| ڌرم | |
| ترميم | |
مشهور بزرگ -امام- بريءَ جو اصل نالو شاهه عبداللطيف -بري- هو، هن ضلعي جهلم (پنجاب) ۾ 1617ع ۾ -جنم- ورتو، سندس والد جو نالو شاهه محمود هو. -امام بري- ننڍي هوندي کان عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. خاندان جي ڪجهه مخالف ماڻهن جي ڪري شاهه محمود پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي -باغ- ڪلان علاقه گولڙا راولپنڊيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، -جتي- هن پنهنجي فرزند -امام- بريءَ جي -تعليم- -جاري- رکي. -امام بري- عرفان ۽ علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ حج ۽ مقدس زيارتن لاءِ روانو ٿيو. واپس اچڻ کان پوءِ موجوده -اسلام- -آباد- واري علائقي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽ اتي رهي رشد ۽ هدايت جو آغاز ڪيائين، سندس علم ۽ ڄاڻ مان لکين ماڻهو فيضياب ٿيا. سندن ڪوششن سان ئي هتي جي ٻن قبيلن ڍونڊن ۽ رسين -اسلام- قبوليو. سندس ڳوٺ ”چورپور“، هاڻي ”نورپور“ جي نالي سان مشهور آهي. ”حديقته الاولياءَ“ جو صاحب لکي ٿو ته: ”شاهه لطيف -بري- پنجاب جي بزرگن مان هڪ هو، سندس هزارين ڪرامتون مشهور آهن. هو وڏو عابد، زاهد، متقي، گوشه نشين ۽ هڏ ڏوکي هو. سندس هزارين مريدن مان وڏيون بزرگ هستيون ٿيون. سندس علم ۽ عرفان ڪمال درجي تي پهتل هو“. هن عظيم بزرگ هستيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ 964ھ/1556ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي، -جتي- اڄ به هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ امام بري : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2024-11-08 تي محفوظ ڪيل, 2020-07-08 تي حاصل ڪيل