امام بري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام بري
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 1617  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 1705 (87–88 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ننڍو کنڊ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

مشهور بزرگ -امام- بريءَ جو اصل نالو شاهه عبداللطيف -بري- هو، هن ضلعي جهلم (پنجاب) ۾ 1617ع ۾ -جنم- ورتو، سندس والد جو نالو شاهه محمود هو. -امام بري- ننڍي هوندي کان عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. خاندان جي ڪجهه مخالف ماڻهن جي ڪري شاهه محمود پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي -باغ- ڪلان علاقه گولڙا راولپنڊيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، -جتي- هن پنهنجي فرزند -امام- بريءَ جي -تعليم- -جاري- رکي. -امام بري- عرفان ۽ علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ حج ۽ مقدس زيارتن لاءِ روانو ٿيو. واپس اچڻ کان پوءِ موجوده -اسلام- -آباد- واري علائقي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽ اتي رهي رشد ۽ هدايت جو آغاز ڪيائين، سندس علم ۽ ڄاڻ مان لکين ماڻهو فيضياب ٿيا. سندن ڪوششن سان ئي هتي جي ٻن قبيلن ڍونڊن ۽ رسين -اسلام- قبوليو. سندس ڳوٺ ”چورپور“، هاڻي ”نورپور“ جي نالي سان مشهور آهي. ”حديقته الاولياءَ“ جو صاحب لکي ٿو ته: ”شاهه لطيف -بري- پنجاب جي بزرگن مان هڪ هو، سندس هزارين ڪرامتون مشهور آهن. هو وڏو عابد، زاهد، متقي، گوشه نشين ۽ هڏ ڏوکي هو. سندس هزارين مريدن مان وڏيون بزرگ هستيون ٿيون. سندس علم ۽ عرفان ڪمال درجي تي پهتل هو“. هن عظيم بزرگ هستيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ 964ھ/1556ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو آبپاره اسلام آباد ۾ موجود آهي، -جتي- اڄ به هر خاص ۽ عام زيارت لاءِ ايندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]