امام اوزاعي سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام- اوزاعي، سنڌي نسل جو بزرگ هو. سندس اصل نالو عبدالرحمان -بن- عمرو هو، جيڪو 88ھ/706ع ۾ ڄائو. علامه ذهبي ۽ ابن حجر لکن ٿا ته هن بزرگ جو خاندان سنڌ ۾ نهايت معزز ۽ ديني ڪارنامن ڪري اعليٰ سمجهيو ويندو هو. -ان- کان پوءِ -ان- جو خاندان سنڌ جي قيدين ۾ شامل ٿي شام ۽ اندلس پهتو. امام اوزاعي، فقہ جي هڪ شاخ جو باني آهي. شام ۽ اندلس ۾ وڏي عرصي تائين سندس پوئلڳن جو ڪيترو ئي تعداد رهيو. امام اوزاعي سڄي زندگي علم ۽ دين جي خدمت ڪندي گذاري. کيس ”شيخ -الاسلام-“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو. -امام- اوزاعي ۽ -امام اعظم- ٻئي همعصر هئا. -امام اعظم- هن بزرگ جو قدر ڪندو هو ۽ سندس علم جو معترف هو. -امام- اوزاعي 15 ربيع الاول 156ھ/772ع ۾ وفات ڪئي.[1] شيخ الاسلام عبدالرحمان بن عمرو امام اوزاعي. فقهه جي هڪ مذهب جو باني هو؛ شام ۽ اسپين ۾ ڪيتي زماني تائين سندس پوئلڳن جو وڏو تعداد موجود رهيو. فقهه جي تاريخ ۽ خلافيات ۾ اڄ تائين اهو مذهب معلوم ۽ مشهور آهي. سندس والد سنڌي هو. پاڻ دمشق جي هڪ ڳوٺ ۾، 88ھ ۾ پيدا ٿيو. آخر عمر ۾ بيروت ۾ قيام ڪيائين. حمام ۾ ڄاڻي واڻي باهه ۾ کيس جلايو ويو. سندس وفات جي سال ۾ اختلاف آهن؛ عام طرح مؤرخن 156ھ لکيو آهي. سندس استادن مان عطاء بن ابي اباح، قتاده، شداد، نافع، مولي، عمر، زهري ۽ محمد بن سيرين، وغيره آهن؛ ۽ شاگردن مان مالڪ، شعبه، ثوري، ابن مبارڪ، يحيٰ بن سعيد قطان، وغيره آهن. ابن مهديءَ، امام احمد بن حنبل، امام ابو اسحاق فزاري، اسماعيل بن عباس، عبدالله بن مبارڪ ۽ سفيان ثوريءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. امام اوزاعي ۽ امام اعظم سندس همعصر هئا؛ امام اعظم به سندس قدردان ۽ سندس علم جو معترف هو[2]

حوالا[سنواريو]

  1. امام اوزاعي سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ”تذڪره الحافظ“، ج 1، ص 60؛ ”تهذيب التهذيب“، ج 6، ص 238؛ ”شذرات الذهب“، ج 1، ص 241.