امام انقلاب (ڪتاب)
ڏيک
| ليکڪ | جمعيت علماءِ سڪندريه |
|---|---|
| ملڪ | پاڪستان |
| ٻولي | سنڌي |
| ڇاپيندڙ | انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پهريون ڇاپو |
| ڇپائي تاريخ | 1995 |
| ذريعي جو قسم | ڪتاب |
| پنا | 115 |
سورهيه بادشاھ (Sooreeyh Baadshaah) پيرصبغت الله شاھ راشديءَ (پيرپاڳاري) جي زندگيءَ جي احوال تي مشتمل هيءُ ڪتاب جامع راشديه پيرڳوٺ مان جمعيت علماءِ سڪندريه پاران ڊسمبر 1995ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز جي 115 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سَوَلي سنڌيءَ ۽ سادي انداز بيان ۾ لکيل آهي.[1]
پير پاڳاري جي اڳڪٿي
[سنواريو]پير سائين سورهيه بادشاھ ٽهڪ ڏئي چيو: ”۽ اوهين هوندئو ڪٿي؟ جي ايم سيد صاحب ڀليل آهيو. وڙهڻ لاءِ اوهين هوندئو ۽ سوڀ وقت واڳون انهن جي هٿن ۾ هونديون جيڪي انگريزن جا ازلي غلام هوندا. اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو ۽ شڪ ناهي ته جيل به رکيا وڃو. جيڪڏهن اسان جي اڳڪتي سچي نڪتي ته ٻڌائجو ته سياست مان گهڻو ڪير ٿو ڄاڻي،اوهين يا اسين؟ انشاء اللہ اسين ته وطن يا ڪفن حاصل ڪنداسون. پر اوهين پيا ڏکن ڏوراپن وارا ڪتاب لکندا.“ [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ امام انقلاب : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2024-11-11 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-31 تي حاصل ڪيل
- ↑ ڪتاب؛ شهيد سورهيه بادشاھ، صحفو نمبر 11