اليگزينڊرا داداريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Alexandra Daddario

Daddario in 2017
پيدائش Alexandra Anna Daddario
مارچ 1986 (عمر 38 سال)
نيو يارڪ سٽي, يو.ايس.
تعليم
پيشو ناٽڪڻ
سَرگَرمُ سالَ سال 1998–کان هينئر تائين
رشتيدار

اليگزينڊرا ائنا داداريو (Alexandra Anna Daddario) جنم 16 مارچ (1986) هڪ آمريڪي ناٽڪڻ آھي. هيء اينابيٿ چيس جو ڪردار ”پرسي جيڪسن فلم سيريز (2010 کان 2013)“ ۾ نڀائي چڪي آھي.[1] انکان علاوه هن ”ھال پاس(2011)“، ”ٽيڪساس چين سا3D“ سان ائنڊريز(2015)“، سمر ڪوئن بي واچ(2017) ۾، وي سمن دَ ڊارڪ نيس(2019)، ان کان علاوه هن مهمان اداڪاره طور ٽيليويزن سيريزن ۾ پڻ ڪم ڪيو آھي، جيئن وائيٽ ڪالر، اٽس آلويز سني ان فلاڊلفيا، ٽريو ڊٽيڪٽو، نيوگرل، آمريڪن هارر اسٽوري: هوٽل[2]

ننڍي وهي ۽ سکيا[سنواريو]

اليگزينڊرا نيويارڪ سٽي ۾ ڄائي. سندس ماءُ ڪريسٽينا هڪ وڪيل جڏهن تَ سندس پيءُ نيويارڪ پوليس ڊپيارٽ جي دهشتگردي ٽوڙ شعبي ۾ جانچ آفيسر هيو. هيءَ اطالوي، انگلش، آئرش ۽ چيڪوسلوواڪين نسل جو ميلاپ آھي. هن جو ننڍو ڀاءُ ميٿيو داداريوآھي ۽ هڪ ننڍي ڀيڻ ڪيٿرين داداريو نالي آھي. جيڪي بِ سٺا اداڪار آھن. سندس ڏاڏو ايميليو ڪيو دادارريو ”يو ايس هائوس آف ريپريزنٽيٽوِ فار ڪنيڪٽيڪٽ“ جو 1959ع کان 1971ع تائين ميمبر هيو. داداريو منهاٽنس اپر ايسٽ سائيڊ ۾ پلي نپي. هن بريئرلي اسڪول ۽ پروفيشنل چلڊرينس اسڪول ۾ سکيا ورتي. سندس چوڻ موجب تَ کيس 11 سالن جي عمر کان اداڪاريءَ ڏانهن لاڙو هيو. ۽ هوءَ ڪهاڻيون ٻڌائڻ پسند ڪندي هئي. سندس چوڻ موجب اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ سندس اصلي مقصد هيو ۽ کيس هر موقعو ميسر هيو. اداڪاريءَ ۾ باضابطا لهڻ کان اول هن ميري منهاٽنس ڪاليج ۾ سکيا ٿي ورتي. هن اداڪاريءَ جي ڪيترن شعبن جي گهڻو عرصو سکيا بِ پئي ورتي آھي.


حوالا[سنواريو]