الياس عليہ السلام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

الياس عليہ السلام
(عربي ۾: إلياس خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
عملي زندگي
پيشو ٻيا نبي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي


پيغمبر ۔ قرآن مجيد جي ٻن سورتن م۾ پاڻ جو ذڪر آيو آھي۔ سوره انعام جي آيہ 85 ۾ حضرت زکريا عليہ السلام، يحيٰ عليہ السلام اور عيسي عليہ السلام سان گڏ پاڻ جو نالو آيو آھي۔ ۽ قرآن ۾ چئني کي صالح چيو آھي۔ سوره صافات آيہ 123 ۾ پاڻ کي رسولن مان شمار کيو ويو آھي ۽ آيہ 124 کان 129 تائين پاڻ جو مختصر قصو آھي تہ پاڻ جي قوم بعل نالي بت جي پوڄا ڪرندي ھئي۔ پاڻ انھن کي خدائي واحد جي پرستش ڪرڻ جي لاء چيو۔ انھي سورۃ جي آيہ 130 ۾ پاڻ کي الياسين بہ چيو آھي۔ پر مترجمن و مفسرن الياسين کي الياس ئي لکيو آھي۔

پاڻ جي ئي صفات مان متصف ھڪ پيغمبر جي نالو بائبل ۾ ايلياہ آھي۔ مفسرن جو خيال آھي تہ بائبل جي ايلياہ دراصل قران جو الياس ئي آھي۔ ثعلبی اور طبري وغيره جن پاڻ جن جا تفصيلي حالات لکيا آھن جيڪي زیادہ تر اسرائيليات کان ماخوذ آھن۔ بعض علماء جي سامھون الياس، ادريس اور خضر ھڪ ئي شخصيت جا ٽي نالا آھن۔

عام روايتن جي مطابق پاڻ اسرائيلي نبي ھئا ۽ حضرت موسي علیہ السلام جي بعد مبعوث ٿيا۔ مورخن پاڻ جن جو نسب نامو الياس بن ياسين بن فخاص بن يغرا بن ھارون لکيو آھي ۽ عام خیيال اھو آھي تہ پاڻ ملڪ شام جي ماڻھن کي ھدايت جي لاء موڪليا ويا ھئا۔ يھودين ۽ مسلمانن جو عقیدو آھي تہ پاڻ ھميشہ زنده رھندا ۽ زمين تي ماڻھن جي رھنمائي ڪرندا. هڪ مشهور پيغمبر جو نالو. بقول طبريءَ جي، -بني اسرائيل- ۾ پيدا ٿيو. قران مجيد ۾ -ان- جو ذڪر ٻن جاين تي، نالي سان آيو آهي، انهن آيتن ۾ حضرت -الياس- عه جي نبوت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سورة -انعام- ۾ حضرت -الياس- عه کي حضرت نوح جي اولاد مان ڄاڻايو ويو آهي. ڪيترين روايتن ۾ -ان- کي حضرت ادريس عه جي اولاد منجهان ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته قرآن مجيد ۾ حضرت -الياس- ۽ حضرت ادريس جو ذڪر جدا جدا نالن سان آيو آهي.جبل ’طور‘ جي وچ ۾ حضرت -الياس- عه جو مقام آهي. عبراني ٻوليءَ ۽ -بائبل- ۾ ايلياه جو لفظ استعمال ٿيو آهي، جنهن کي مفسرن -الياس- ئي قرار ڏنو آهي. ايلياه جو تعلق ’تشبه‘ نالي ڪنهن گهراڻي سان هو. هن ’جلعاد‘ جي جاءِ تي سڪونت اختيار ڪئي ۽ سموري زندگي دولت، عيش و عشرت ۽ جاه و -جلال- کان بي نياز ٿي گذاري. سندس زماني ۾ آخياب، -اسرائيل- جو -بادشاهه- هو. -ان- جي زال مشرڪ هئي ۽ هن ’ديوتا -بعل-‘ جي عبادت رائج ڪئي. هي اهو زمانو هو جڏهن ايلياه منظرعام تي ظاهر ٿيو. هن آخياب کي تنبيهه ڪئي ته تنهنجن گناهن جي ڏوهه ۾ هينئر -اسرائيل- ۾ -برسات- جو هڪ قطرو به نه وُٺو آهي. آخياب جو هوش ٺڪاڻي آيو ۽ هن حضرت ايلياه کي گهرايو، جنهن ماڻهن آڏو ثابت ڪيو ته ديوتا ڪوڙو آهي. -ان- کان پوءِ -برسات- لاءِ دعا گهري، جيڪا هڪدم قبول ٿي. آخياب جي زال، حضرت ايلياه جي دشمن ٿي پئي، جنهنڪري پاڻ اتان نڪري ڪوهه سينا ڏانهن هليو ويو. ڪجهه سالن کان پوءِ حضرت ايلياه ٻيهر -اسرائيل- آيو ۽ هن آخياب ۽ پوءِ -ان- جي پٽ آخرياه کي چڱائيءَ طرف سڏيو، مگر ڪجهه به نه ٿي سگهيو. سندن بددعا ڪري هو تباهه و برباد ٿي ويا.[1]

حضرت -الياس عليه السلام-، -الله- تعاليٰ جو نبي، حضرت حزقيل عليه السلام جو جانشين، -بني اسرائيل- ۾ ايليا جي نالي سان مشهور هو. قرآن مجيد ۾ حضرت -الياس عليه السلام- جو ذڪر به آيو آهي. سورة الانعام ۽ سورة الصافات، سورة النعام ۾ کيس فقط نبينعه جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويو آهي ۽ الصافات ۾ نبوت ۽ سندس قوم جي هدايت بابت مختصر بيان آهي. حضرت الياسعه جي نبوت جي -باري- ۾ محققن ۽ مورخن جو اتفاق آهي ته هو شام جي رهاڪن جي هدايت لاءِ موڪليو ويو هو ۽ بعلبڪ جو مشهور شهر سندس هدايت جو مرڪز هو. حضرت الياسعه جي قوم مشهور -بت- ’-بعل-‘ جي پرستار، -توحيد- کان بيزار ۽ شرڪ ۾ مبتلا هئي، ’-بعل- ديوتا‘ مشرق ۾ -آباد- سامي قومن جو مشهور ۽ سڀني کان وڌيڪ مقبول ديوتا هو. هي -بت- مذڪر هو ۽ زحل يا مشتري جو متبادل ۽ نقل سمجهيو ويندو هو. فنيقي، ڪنعاتي، هوآبي ۽ موياني قبيلا خاص طور تي -ان- جي پوڄا ڪندا هئا. -ان- ڪري -بعل- جي پوڄا حضرت موسيٰ جي زماني کان ٿيندي آئي، جنهن ڪري شام جو مشهور شهر بعلبڪ به منسوب ٿيو. حضرت -الياس- جي زماني ۾ يمن ۽ شام وارن جو محبوب -بت- -بعل- ئي هو هن ڳالهه جو ذڪر قرآن مجيد جي سورت الصافات ۾ هن ريت ٿيل آهي: ”بيشڪ -الياس- پيغمبرن مان هو. جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين ته ڇا توهان (-الله- کان) ڪو نه ٿا ڊڄو. ڇا توهان -بعل- کي سڏيو ٿا ۽ سڀني کان چڱو بڻائيندڙ کي ڇڏيو ٿا. -الله- تعاليٰ اوهان جو پاليندڙ ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. پوءِ انهن هن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ بيشڪ اهي دوزخ ۾ حاضر ڪيل هوندا. -الله- جي پسند ڪيل -ٻانهن- کانسواءِ ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. شال -الياس- تي سلام هجي، بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. بيشڪ اهو اسان جي -ايمان- وارن مان هو.“[2]

حوالا[سنواريو]