المصطفيٰ (مشين)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پهريون سنڌي ٽائيپ رائيٽر. 72- 1971ع واري سال ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران، سنڌي ٻوليءَ کي -ترقي- وٺرائڻ لاءِ، سنڌي شارٽ هئنڊ ۽ سنڌي ٽائيپ رائيٽر تيار ڪرايو. پهرين مشين سوئٽرزلئنڊ جي هرمس ڪمپني کان ٺهرائي مارڪيٽ ۾ آندي وئي، اُنهيءَ ٽائيپ رائيٽر مشين جو نالو ”-المصطفيٰ-“ سنڌي ٽائيپ رائيٽر رکيو ويو. اُن مشين جو ٻيو ايڊيشن هريپور هزاره مان -پاڪستان- جي -ٽيليفون- واري صنعت طرفان 1993ع ۾ ٺهرايو ويو. سڄي پروجيڪٽ پٺيان سيد غلام مصطفيٰ شاهه، تڏهوڪي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جو هٿ رهيو. هن جي تياريءَ ۾ ماهر عنايت -الله- عباسيءَ جو هٿ هو ۽ ٻوليءَ جا ماهر محمد -ابراهيم جويو- ۽ ڊاڪٽر الانا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]