الحمرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الحمرا اسپين ۾ غرناطہ شهر جي سامهون جبل تي اسپين جي اسلامي حڪومت جا ٺهرايل محلات، جن جا وسيع اڱڻ، ڦوهارا ۽ باغيچا آهن. اڱڻ ۽ ورانڊن ۾ ننڍا ننڍا ڪمرا آهن، جيڪي ڳتيل ڊزائينن سان سينگاريل آهن ۽ جن جا گنبذ اٺن ڪنڊن وارا آرائشي آهن. الحمرا جي اڏاوت 1238ع ۾ شروع ٿي ۽ 1354ع تائين مڪمل ٿي. 1492ع ۾ اسپين مان مسلمانن جي نيڪاليءَ بعد اهي گهڻيون عمارتون تباھ ڪيون ويون. 1828ع کان پوءِ وري انهن جي مرمت ڪري انهن کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. الحمرا جا آثار دنيا جي حسين عجائبات ۾ شمار ڪيا ويندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]