اشرف سمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد اشرف سمون، 3 مارچ 1951ع ڌاري تعلقي ٺٽي جي ڳوٺ راڄو نظاماڻيءَ لڳ ”جِهرڪ“ ۾ ڄائو. سندس والد مولوي عبدالله سمون، سنڌ ۾ فقہ جو برک عالم ٿي گذريو آهي. تعليم جو گهڻو حصو پنهنجي والد کان، عربيءَ جي تعليم مختلف عالمن کان، قرآن پاڪ جو تفسير مولانا عبيدالله درخواستيءَ خانپور واري وٽ ۽ حديث پاڪ جو دور مظهرالعلوم کڏي واري مدرسي ۾ پورو ڪري، حديث جي سَندَ حاصل ڪيائين. هن 1970ع ۾ دارالعلوم امجديہ ڪراچيءَ مان فاضل عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. 1979ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان نمايان حيثيت ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ 1982ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1991ع ڌاري علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ ”يارهين صديءَ جي سنڌي محدثن جون خدمتون“ جي عنوان سان مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ”مڪاتيب النبي“ جي موضوع تي ”سونا ورق“ سندس مشهور تصنيف آهي. محمد هاشم ٺٽويءَ جي عربي -تصنيف- ”وصية الهاشمية“ جو ”شاندار تحفہ“ نالي سان اُردوءَ مان ترجمو ڪيائين، جيڪو ”الراشد اڪيڊميءَ“ ڪراچيءَ پاران ڇپيو. پاڻ ايران، سنگاپور، دبئيءَ ۽ ٻين ڪيترن مُلڪن جي ڪانفرنسن ۾، مُلڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. تفهيم دين، فهم القرآن ۽ سيرت النبيءَ کان سواءِ، پاڪستان ٽيليويزن تان سندس مختلف علمي ۽ ادبي پروگرام نشر ٿي چُڪا آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ پنهنجي نصابي ڪميٽيءَ ۾ کيس ميمبر منتخب ڪيو آهي. هن وقت گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ جي اسلاميات واري شعبي جو صدر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]