اسپنگر

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

هيءُ هڪ ٻوٽيءَ جو -ٻج- ۽ پسارڪو وکر آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ”رقطونا“ ۽ فارسيءَ ۾ ”اسپغول“ سڏجي ٿو. هن جا ٻه ٽي قسم ٿين ٿا، جيئن اڇو، ڳاڙهو، ڪارو ۽ اڇو پر ڳاڙهاڻ مائل. هي پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان ڦونڊجي وڃي ٿو.

طبي لحاظ کان آنڊن جي زخم، پيچش ۽ پيٽ ۾ مروڙ جي بيماريءَ ۾ -اسپنگر- جي تهِي پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان آرام ايندو آهي. -اسپنگر- کي هلڪي سٽڻ ڪٽڻ سان اُن جون کلون يا تُههَ لهي وڃن ٿا، انهن کلن کي ”اسپنگر جي تُهِي“ سڏبو آهي، جيڪا پڻ پسارڪي وکر ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ پيٽ جي بيماريءَ ۽ خشڪي لاهڻ لاءِ علاج طور ڪم اچي ٿي. اڄڪلهه دوائن جون ڪمپنيون ”اسپغول“ جي نالي سان -اسپنگر- جي صاف ٿيل -تهي- پئڪيٽن ۾ تيار ڪري رهيون آهن.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B3%D9%BE%D9%86%DA%AF%D8%B1