اسٽرلنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسٽرلينگ جو قلعو

اسٽرلنگ (انگريزي ٻولي: Stirling) مرڪزي اسڪاٽلينڊ جو هڪ شهر آهي جيڪو گلاسگو جي اتر اوڀر ۾ 42 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ ايڊنبرا جي اتر اولھ ۾ 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهي. هيءُ شهر فورٿ نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. هيءُ شهر هڪ وڏي بڪل وانگيان آهي جيڪو اسڪاٽلينڊ جي هيٺين علائقن کي مٿين علائقن سان ڳنڍي ٿو. هن شهر جي جاگرافيءَ جي اهميت کي ڏسندي اها چوڻي مشهور هئي ته جنهن اسٽرلنگ فتح ڪيو تنهن ڄڻ ته اسڪاٽلينڊ فتح ڪيو.

هن شهر لاءِ هڪ دلچسپ ڏندڪٿا مشهور آهي. چيو وڃي ٿو ته نائين صدي عيسويءَ ۾ هتي انگريزن جي حڪومت هئي. اوچتو ئي اوچتو شهر تي ڊنمارڪ جي لوڪن حملو ڪيو. هڪ بگهڙ رڙيون ڪري شهر جي رکوالن کي خبردار ڪيو. شهر جا سپاهي بگهڙ جي رڙين تي سجاڳ ٿي پيا ۽ هنن حملو ڪندڙن کي ڀڄائي ڇڏيو. اڄ تائين بگهڙ جي تصوير کي شهر جي نشانيءَ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

تعارف[سنواريو]

اسٽرلنگ جو شهر اسڪاٽلينڊ جي ورثو راڄڌاني آھي، جتي آزاديءَ جون جنگيون وڙهيون ۽ کٽيون ويون، جتي ٽي صدين تائين حڪمرانن وڏي شان مان سان حڪمراني ڪئي ۽ جتي واپارين ۽ ڪاريگرن پنھنجي واپار کي قلعي جي ھيٺان لاڳيتو ڪم ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "Stirling Visitor Guide - Accommodation, Things To Do & More". www.visitscotland.com. حاصل ڪيل 2020-03-05.