اسيموري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسيموري، ھي ننڍين ڇوڪرين جو لوڪ- ناچ آهي. هن ۾ ٻه ڇوڪريون هڪٻئي سان هٿ ملائي ٻانهون ڊگھيون ڪري گول ڦيرا پائينديون آهن ۽ هيٺيون لوڪ گيت به ڳائيندون آهن:

”اَيـسـي ڏي مـور ڏي، لال ڪـٽـوري ڏي،
بـابــل کـي ڌن ڏي، گھــرڙي ۾ اَن ڏي،
پيــنگهي ۾ ڀـاءُ ڏي، ڏولـيءَ ۾ ڀاڄائي ڏي“

ھي ٽپڙيءَ جو شروعاتي دؤر آهي. هي اصل ۾ سنڌ جا لوڪ ناچ آهن. ورهاڱي بعد سنڌي هندن جي هندستان وڃڻ کان پوءِ، ڪن سنڌي بستين ۾ پهريان ٽي لوڪ ناچ ”ڇيڄ، جھمر، ٽپڙو“ اڃا سوڌو موجود آهن. -بهراڻي- ڪڍڻ وقت خاص طور ڇيڄ ناچ ڪيو ويندو آهي. شادين ۾ ڄڃ جي اڳيان به اهو ناچ ٿيندو هلندو آهي جھمر ناچ هر سنڌي گهر ۾ خوشيءَ جي موقعي تي ٿيندو رهندو آهي. باقي ٽپڙو هوليءَ جي ڏينهن ۾ ئي ڪيو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. اسيموري انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع