اسلم فرخي
| اسلم فرخي | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| عملي زندگي | |
| تعليمي سندون | پي.ايڇ.ڊي. |
| پيشو | |
| اعزازات | |
| ترميم | |
ناليواري اديب، شاعر، محقق، -ٻولي- ماهر، اسڪالر ۽ براڊ ڪاسٽر ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ 23 -آڪٽوبر- 1923ع تي لکنؤ (هندستان) ۾ علمي ادبي خاندان ۾ -جنم- ورتو. سندس ’فرخي‘ لقب فرخ -آباد- شهر جي ڪري پيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ جي هڪ وڏي سڃاڻپ ٻارڙن لاءِ لکڻ جي حوالي سان به آهي. هن ٻارن لاءِ تمام گھڻو ادب لکيو آهي. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ سان گڏ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي -اردو- شعبي ۾ پروفيسر ۽ شعبي جو چيئرمين به رهي چڪو آهي. -ان- سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار جون ذميواريون به نڀايون اٿائين. ڇهن سالن تائين ريڊيو -پاڪستان- سان به لاڳاپيل رهيو آهي. سندس اهم ڪتابن ۾ (1) ”محمد حسين آزاد حيات جو -تصنيف-“، (2) ”گلدستهء احباب“، (3) ”آنگن مين ستاري“، (4) خريد و خرد فريد“، (5) داستانِ نظام“، (6) ”بچون ڪي سلطان جي“، (7) بچون ڪي رنگا رنگ -امير خسرو-“ شامل آهن. سندس ايڊٽ ڪيل ڪتابن ۾ (1) ”تذڪره گلشن هميشه -بهار-“، (2) ”چاند بيبي سلطانه“، (3) قتيل و غالب“ (ليکڪ: -اسد- علي انوري)، (4) ”نارنگِ خيال“ (ليکڪ: محمد حسين آزاد)، (5) ”قصص هند“ (ليکڪ: محمد حسين آزاد) ۽ ٻيا شامل آهن. [1]
حوالا
[سنواريو]- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- تعليمي سند وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- وصول ڪندڙ تمغو حسن ڪارڪردگي
- اعزاز وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from June 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- اردو ٻولي جا اديب
- پاڪستاني اردو شاعر
- پاڪستاني شخصيتون
- ويهين صدي جا پاڪستاني شاعر
- 1923ع جون پيدائشون
- 2016ع جون وفاتون