اسلام ڳڙھ جو قلعو
اسلام ڳڙھ جو قلعو | |
علائقو | ![]() ![]() |
---|---|
قسم | قلعو |
تاریخ | |
معمار | مير فتح علي خان ٽالپر |
ثقافت | سنڌي |
مٺيءَ کان ٢٨ ميل پري هي قلعو ميرن جي دور ٩٥- ١٧٩٠ع مير فتح خان جي وقت جو آهي. ھي قلعو مير فتح علي خان ٺھرايو. تعمير تي ١٢ لک خرچ آيو. قلعي جي چئني ڪنڊن تي پھڻ استعمال ڪري -ٺلهه- ٺاھيا ويا. انھن پھڻن جي ڊيگهه گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ فوٽ، وڌ ۾ وڌ ٣ فوٽ آھي. قلعي جي ڊيگهه ١٢٠ فوٽ ۽ ويڪر ١٠٠ فوٽ آھي. سرحد کي ويجھو ھئڻ سبب ڀتيون مضبوط آھن. روايت آھي ته قلعي اندر سوا سؤ سپاھين جي مستقل رھڻ جون جايون ٺھيل ھيون. -ان- کان سواءِ -بارود- خانو الڳ ۽ ھڪ جيل به ٺھيل ھو. کوٽائيءَ دوران (١٨٨٤ع) توبن ۽ بندوقن جا ڀڳل ٽڪرا ھٿ آيا. ديوارون ٣٠ فوٽ اوچيون ۽ ڪنڊن تي -برج- ٺھيل هئا. ھڪ -برج- تي گيٽ به ٺاھيو ويو ھو. گيٽ -اوڀر- طرف ھو. مير صوبدار خان پنھنجي چاچن جي خلاف -بغاوت- ڪئي، تڏھن اسلام ڪوٽ ۾ ويھي جنرل ھوش محمد جي معرفت لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. ١٩٣٢ع ۾ کوسن ڪوٽ کي ڦريو. وري ١٩٢٢ع ۾ ميرخان کوسي هن قلعي يا ڪوٽ کي لٽيو. ھاڻي -اسلام ڪوٽ- جو اسڪول ھن ھنڌ ٺھيل آھي.[1]