اسلام ڪيئن شروع ٿيو؟ (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ۽ اردو ٻولين جي بزرگ اديب ۽ نئين زندگي رسالي جي باني -ايڊيٽر- مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب جو ”اسلام ڪيئن شروع ٿيو؟“ عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو شبانه سولنگيءَ ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1998ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1999ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ، آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچيءَ پاران ڇپي پڌرو ڪيو. هن مختصر ڪتاب جي قيمت 25 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ -اسلام- ڇا آهي، -اسلام- جو پيغام آڻيندڙ آخري رسول صلي -الله- عليه وسلم،سندن اسوه حسنه، -اسلام- جي پکيڙڻ دوران پيش آيل تڪليفن، رسول پاڪ جي مڪي ۽ مدني زندگي، جنگين ۽ -اسلام- جي فروغ ۾ ادا ڪيل ڪردار کان وٺي آخري حج تائين جو سمورو ذڪر موجود آهي.[1]

حوالا[سنواريو]