اسلاميه پرنٽنگ پريس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد عثمان ڏيپلائي هن پريس جو پايو سن 1948ع ۾ وڌو. ڏيپلائي صاحب ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن جي تحريرن جي ڇپائيءَ جو اهتمام اسلاميه پرنٽنگ پريس ۾ ٿيو، -جن- ۾ سائين جي ايم سيد، محمد خان ”مجنون“، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا حاجي احمد ملاح، ابن حيات پنهور وغيره شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ پنهنجا ڪتاب 1957ع کان اسلاميه پريس ۾ ڇپائڻ شروع ڪيا. انهن ڪتابن ۾ ”زينت“، ”چچ نامه“، ”فيروز دل افروز“ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- جا مرتب ڪيل لوڪ ادب سلسلي جا ڪتاب وغيره شامل آهن. -ان- کانسواءِ ماهوار ”انسان“ هفته وار ”انسان“، ماهوار، هفته وار ۽ روزنامه ”عبرت“، ماهوار ”پرهه ڦٽي“، روزنامه ”سنڌ ٽائيمز“ ۽ ماهوار ساڻيهه ڊائجيسٽ پڻ هتان شايع ٿيندا هئا. هن پريس ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ادارن جا ڪتاب به ڇپبا رهندا هئا. هن پريس کي سن 1973ع ۾ ٿيل لساني فسادن ۾ متعصب فسادين -باهه- جو نشانو بنايو، جنهن ۾ گهڻو رڪارڊ تلف ٿي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]