اسفند يار ولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسفند يار ولي
 

معلومات شخصيت
ڄم 19 فيبروري 1949 (75 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
چارسده  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

اسفند يار ولي خان، سرحد صوبي ھاڻي خيبر پختونخوا جي هاڪاري سياسي گهراڻي مان آهي ۽ هن وقت عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جو سربراھ آهي. سندس والد خان عبدالولي خان ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ملڪ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست تي ڇانيل رهيو. سندس ڏاڏو خان عبدالغفار خان برصغير جي صف اول جو سياستدان ۽ ڪانگريسي هو، کيس ”سرحدي گانڌي“ سڏيو ويندو هو. خان عبدالغفار خان پنهنجي صوبي ۾ سرخپوش تنظيم ٺاهي هئي. ولي خان ۽ اسفند يار ولي ان تنظيم جي بنياد تي ئي سياست ڪندا رهيا.

اسفند يار ولي 19 فيبروري 1949ع تي باغ ولي ضلعي چارسده صوبي سرحد ۾ ڄائو. هن ايم. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هو 1990ع ۾ صوبائي، 1993ع ۾ قومي اسيمبلي، 1997ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 2005ع ۾ سينيٽر رهيو آهي. هو 2008ع جي چونڊن ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اسفند يار ولي وقت پختون قومپرستيءَ واري سياست ڪري ٿو ۽ سندس پارٽي اي اين پي جي سرحد صوبي ۾ حڪومت 2008ع کان 2013ع تائين حڪومت بہ رھي ۽ وفاق ۽ سنڌ صوبي ۾ پيپلز پارٽيءَ سان اتحاديءَ طور حڪومت ۾ شامل رھي.[1]

حوالا[سنواريو]