مواد ڏانھن هلو

ارشميدس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سرڪيوس (عربي: سرقوسه) جو ارشميدس
Archimedes Thoughtful by Fetti (1620)
ارشميدس فڪر واري انداز ۾
پيدائش ت. 287 

ق م
سرڪيوس (سرقوسه)


ميگنا گريشيا
وفات ت. 212 ق م (لڳ ڀڳ 75 سال)
سرڪيوس (سرقوسه)
ميگنا گريشيا
شھرت جو ڪارڻ
'سائنسي پيشو'
شعبو
رياضيدان لاء دنيا جي سڀ کان وڏي اعزاز فيلڊس ميڊل ۾ ارشميدس جي خيالي تصوير ڏنل آھي

ارشميدس يا ارڪميدز(انگريزي: Archimedes ) قديم دنيا جو ھڪ عظيم يوناني رياضيدان، جاميٽري جو ماھر ۽ مشيني انجنيئر ھو. 287 ق.م. ۾ موجوده اٽلي جي ٻيٽ سسلي ۾ جي علائقي سرڪيوس يا سرقوسه ۾ پيدا ٿيو. ھن کي ھر دؤر جي عظيم رياضيدانن مان ھڪ سمجھيو ويندو آھي[4] اسڪندريه ۾ اقليدس جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري دور کي ڇڏي ڪري ھن پنھنجي سموري زندگي سلسلي جي علائقي سرڪيوس يا سرقوسه ۾ گذاري[4]. ھي سسلي جي سندس وقت جي شاھي حاڪمن ھيئرو[5] ۽ سن جي پٽ گيلون[6] جو ويجھو دوست رھيو ۽ جلد ئي درٻار م ذھين سائنسدان طور مشھوري ماڻي جنھن بادشاھ جا تمام ڏکيا مسئلا حل ڪيا[4]. جي ھڪ ڪھاڻي مشھور آھي تہ ھڪ دفعي بادشاھ ھيئرو ھڪ سوناري کي سون جو مخصوص مقدار ڏئي ان کان سونو تاج ان سون جي وزن جيترو ٺاھڻ جو ڪم سونپيو[4]. سوناري اھو تيار ڪري بادشاھ آڏو پيش ڪيو. بادشاھ کي شڪ ٿيو ته سوناري تاج ۾ چاندي ملائي ساڻس خيانت ڪئي آهي پر تاج جو وزن پوء بہ ڏنل سون جيترو ھيو جنھن ڪري بادشاھ پنھنجي ان شڪ کي ثابت نہ ڪري سگھيو پر اھو مسئلو بادشاھ ارشميدس آڏو رکيو[4]. ارشميدس پاڻي جي ٽب ۾ وھنجڻ لاء جيئن گھريو تہ ھن جي ڌيان ۾ ڪجهه پاڻي ٽب کان ٻاھر ڪرندي نظر آيو[4]. ارشميدس اھا ڳالھ سمجھي ۽ ثابت ڪيو ته ڪنھن شئي جو وزن جيترو پاڻي جي مڪمل ڀريل ٽب داخل ٿيندو تہ اوتري وزن جيترو پاڻي ٻاھر ھارجي ويندو[4]. ان اصول کي سائنس ۾ ارشميدس وارو اصول سڏيو ويندو آهي[4]. ھن ان طريقي سان ثابت ڪري ڏيکاريو تي اھو تاج نج سون جو ٺھيل نہ ھيو. چيو وڃي ٿو ته ان دريافت تي ارشميدس ٽب مان نڪري خوشيءَ م اگھاڙو گھٽين ايوريڪا! ايوريڪا![7] چوندي ڊڪندو ڏٺو ويو ھو[4]. ھن جو ھڪ قول پڻ مشهور ٿيو ھو جنھن ۾ ھن چيو ھو تہ: "مونکي بيھڻ جي جاء ملي تہ مان ڌرتي کڻي سگھان ٿو"[4]. بادشاھ ھيئرو حيران ٿي کيس اھو ثابت ڪرڻ جي فرمائش ڪئي ھئي. سن وقت ارشميدس بيرم ۽ پلين جا اصول [8] دريافت ڪيا ھيا[4]. ھن بيرم ۽ پلي جي مدد سان ڪرين ٺاھي تمام ڳوري بحري ٻيڙي کي پتڻ تان سمنڊ ۾ اڪيلي سر لاھي ڏيکاريو[4]. ھن پاڻي کي ھيٺان کان مٿي ڇڪڻ وارو پمپ پڻ ايجاد ڪيو جنھن کي ارشميدس وارو پيچ چون ٿا جيڪو اڃان تائين دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪتب اچي ٿو[4]. ايجادن سان مشھوري باوجود ھن سڀ کان وڌيڪَ رياضي لاء ڪم ڪرڻ پسند ڪيو[4]. ارشمیدس پراڻي دور سميت ھر دؤر جو ھڪ وڏو رياضيدان ليکيو ويندو آهي[9][10][11][12][13][14].

ذاتي زندگي

[سنواريو]

ارشميدس 287 ق م ۾ ميگنا گريشيا (عظيم يونان ) پراڻي دؤر واري ڪالوني ۾ سسلي جي بندرگاھ واري شھرسرڪيوس ۾ پيدا ٿيو ۽ 75 سالن جي ڄمار تائين زنده رھيو. سندس پيءُ جو نالو فڊئاس[15] ھيو جيڪو غير معروف فلڪياتيدان ھيو. يوناني سوانح نويس پلوٽارڪ مطابق ارشميدس وارو دؤر سسلي جي بادشاھ ھيئرو ٻيون وارو دؤر ھيو[16]. ارشميدس جي ھڪ دوست سندس آتم ڪٿا لکي ھئي پر اھا محفوظ رھي نہ سگھي[17].ھن شادي ڪئي يا نہ يا ھن کي اولاد ھئي يا نہ ان جو ڪو تفصيل ڪونہ ملي سگھيو آهي باقي اھا پڪ آھي ته جواني ۾ ھي قديم مصر جي شھر اسڪنديه ۾ پڙھڻ ويو ھو ۽ مشھور رياضيدان ساموس وارو ڪونان[18] ۽ اريٽوسٿينز[19] سندس ھمعصر ھيا. ھي ساموس واري ڪونان کي پنھنجو دوست مڃيندو هو.

علمي خدمتون ۽ ايجادون

[سنواريو]

ھن جاميٽري، ھائڊرو اسٽيٽڪس، مشينن جي انجنيئرنگ جو وڏو واڌارو ڪيو ۽ جاميٽري جا وڏا مسئلا حل ڪيا[4]. ھن سڄن يا پورن انگن جي حسابن[20] جا ابتدائي طريقا وضع ڪيا جن کي ھن نڪاس جا طريقا[21] سڏيو جن جي مدد سان ھن ونگن وارين شڪلين جي ڊيگھ ۽ پکيڙ جي ڳڻپ ڪئي[4]. بعد م گولي ۽ ويلڻ جي، ۽ مخروطي شڪل ۽ بيضوي گولي[22] تي لکندي ھن گولي ۽ ٻين ٺوس شين جي حجم ۽ سطحي پکيڙ ماپڻ لاءِ پڻ ان طريقن جو استعمال ڪيو[4]. ھن ترندڙ جسمن تي لکندي ھائڊرو اسٽيٽڪس ۽ توازن جي رياضي[23] جو واڌارو ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ بيرم جا قانون، مخصوص ڪشش ثقل جو خيال ۽ ڪيترن ئي شين جي مرڪزي ڪشش ثقل جي ڳڻپ جا طريقا وضع ڪيا[4]. رياضي ۾ ھن ڪيوبڪ مساواتن کي حل ڪرڻ جا، ٻئين مولن جي تخميني لڳائڻ جا، سلسلي وارن حسابن ڪرڻ جا طريقا ڏنا[4]. ان کان سواءِ ھن ريتلي ڳاڻيٽي [24] ذريعي تمام وڏن انگن استعمال ڪرڻ جو خيال پڻ ڏنو[4]. جڏهن رومي سرڪيوس تي حملو ڪرڻ لاء بحري ٻيڙن تي ويجھا ٿيا تہ ھن رومي جھازن کي سامونڊي ڪناري کان پري رکڻ لاءِ ڪارگر ھٿيار ٺاھيا جن ۾ منجنيق، ھڪ ڪرين جنھن سان بحري جھازن کي ٻاھر ڪڍيو ويندو هو ۽ موت جي قطار (Death Array) پڻ ايجاد ڪيا.

موت جي قطار

جنھن سان سج جا ڪرڻا دشمنن جي جھازن تي آئينن جي مدد سان مرڪز تي آڻي باھ لڳائي ويندي هئي . ھن ارشميدس پيچ پڻ ايجاد ڪيو.

ارشميدس اسڪريو جنھن سان پاڻيءَ کي آسانيءَ سان مٿي کڻي سگھجي ٿو.

جنھن جو اڄ تائين آبپاشيءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي. اھو اوزار ھن مصر ۾ قيام دوران ٺاھيو. ھن دائري جي گھيري مان ان جي قطر جي نسبت جو اندازو لڳائڻ جو طريقو بہ سمجھايو. ھن ليور ۽ چرخي جا اصول بہ مرتب ڪيا جنھن ۾ پاء شامل آھي..[25] جنھن چيز تي ھن کي فخر ھو اھو ھن جو ٻڌايل رياضي جو اصول ھو ته ھڪ ننڌي کان ننڍي ويلڻ[26] جيڪا ڪنھن گولي[27] سان صحيح طريقي سان فٽ ٿي سگھي اھا گولي جي جسامت کان ڏيڍوڻو ھوندي آھي. ارشميدس جي قبر تي ھڪ ويلڻ ۽ ھڪ گولو نصب ٿيل آھي[25].

212 ق.م. ۾ ھڪ رومي سپاھي جي ھٿان مارجي ويو. ان وقت ارشميدس واري تي ڪجهه جاميٽري جون شڪليون ٺاھي ان تي غور ڪندي ويٺل ھيو تہ ھڪ رومي سپاھي کيس حملو ڪري قتل ڪيو ان کان بي خبر ھوندي تہ ھي ڪير ھيو ۽ ڇا ڪري رھيو ھو[4].

ارشميدس جو موت [28]

چوڻ ۾ اچي ٿو ته رومي جنرل مارسيلز کي جڏهن ارشميدس جي قتل جي خبر پئي تہ ڏاڍو ناراض ٿيو ھو[29] ان جنرل کيس يوناني ڏندڪٿائن جي ھڪ ديو ھڪاٽانڪريز سان تشبيهه ڏيندي جاميٽري جو ھڪاٽانڪريز سڏيو ھو[30]. ھن کي علم رياضي جي ھڪ وڏي ماھر طور مڃتا ڏيندي ھن جي موت کان ڪجهه عرصو بعد ھن جي مقبري تي سلينڊر ۽ گولي جون شڪليون ٺاھيون ويون ھيون[4]. سندس وفات کان 137 سال بعد سسيرو (Cicero) سندس مقبرو ڳولي لڌو ھيو ۽ ان جي صفائي ڪرائي ھئي ۽ مقبري تي اڪريل سيلينڊر ۽ گولي جو پڻ ذڪر ڪيو ھو[31]. 1960 واري ڏھاڪي ۾ پينوراما ھوٽل جي اڱڻ ۾ سندس قبر واري جاء ھجڻ جي دعوا ٿي ھئي پر ڪا مضبوط شاھدي ڪانه ملي سگھي ۽ سنس قبر واري جاء اڃان نامعلوم آھي[32].

حوالا

[سنواريو]
  1. انگريزي ۾ Lever
  2. انگريزي ۾ جاميٽري واري Neusis Construction
  3. Knorr, Wilbur R. (1978). "Archimedes and the spirals: The heuristic background". Historia Mathematica (Elsevier) 5 (1): 43–75. ""To be sure, Pappus does twice mention the theorem on the tangent to the spiral [IV, 36, 54]. But in both instances the issue is Archimedes' inappropriate use of a "solid neusis," that is, of a construction involving the sections of solids, in the solution of a plane problem. Yet Pappus' own resolution of the difficulty [IV, 54] is by his own classification a "solid" method, as it makes use of conic sections." (page 48)". 
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 4.18 4.19 4.20 4.21 ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page 18،19,20,21
  5. انگريزي ۾ Hiero
  6. انگريزي ۾ Gelon
  7. “Eureka! Eureka!”
  8. principles of the levers and pulleys
  9. John M. Henshaw (10 September 2014). An Equation for Every Occasion: Fifty-Two Formulas and Why They Matter. JHU Press. p. 68. ISBN 978-1-4214-1492-8. https://books.google.com/books?id=-0ljBAAAQBAJ&pg=PA68. "Archimedes is on most lists of the greatest mathematicians of all time and is considered the greatest mathematician of antiquity." 
  10. Calinger, Ronald (1999). A Contextual History of Mathematics. Prentice-Hall. p. 150. ISBN 978-0-02-318285-3. "Shortly after Euclid, compiler of the definitive textbook, came Archimedes of Syracuse (ca. 287 212 BC), the most original and profound mathematician of antiquity." 
  11. "Archimedes of Syracuse". The MacTutor History of Mathematics archive. حاصل ڪيل 2008-06-09. 
  12. Sadri Hassani (11 November 2013). Mathematical Methods: For Students of Physics and Related Fields. Springer Science & Business Media. p. 81. ISBN 978-0-387-21562-4. https://books.google.com/books?id=GWPgBwAAQBAJ&pg=PA81. "Archimedes is arguably believed to be the greatest mathematician of antiquity." 
  13. Hans Niels Jahnke. A History of Analysis. American Mathematical Soc.. p. 21. ISBN 978-0-8218-9050-9. https://books.google.com/books?id=CVRZEXFVsZkC&pg=PA21. "Archimedes was the greatest mathematician of antiquity and one of the greatest of all times" 
  14. Stephen Hawking (29 March 2007). God Created The Integers: The Mathematical Breakthroughs that Changed History. Running Press. p. 12. ISBN 978-0-7624-3272-1. https://books.google.com/books?id=eU_RzM7OoI4C&pg=PT12. "Archimedes, the greatest mathematician of antiquity, ..." 
  15. انگريزي م Phidias
  16. Plutarch (October 1996). Parallel Lives Complete e-text from Gutenberg.org. Project Gutenberg. http://www.gutenberg.org/etext/674. Retrieved 2007-07-23. 
  17. O'Connor, J.J.; Robertson, E.F. "Archimedes of Syracuse". University of St Andrews. وقت 6 February 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-01-02.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. Conon of Samos
  19. Eratosthenes of Cyrene]
  20. Integral Calculus
  21. Methods of Exhaustion
  22. Conoids and Spheroids
  23. mathematics of hydrostatics and equilibrium
  24. انگريزي ۾ Sand Reckonor
  25. 25.0 25.1 ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور
  26. انگريزي ۾ cylinder
  27. انگریزی ۾ sphere
  28. "The Death of Archimedes: Illustrations". math.nyu.edu. نيو يارڪ يونيورسٽي. 
  29. Rorres, Chris. "Death of Archimedes: Sources". Courant Institute of Mathematical Sciences. وقت 10 December 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-01-02.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  30. Mary Jaeger. Archimedes and the Roman Imagination, p. 113.
  31. Rorres, Chris. "Tomb of Archimedes: Sources". Courant Institute of Mathematical Sciences. وقت 9 December 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-01-02.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  32. Rorres, Chris. "Tomb of Archimedes – Illustrations". Courant Institute of Mathematical Sciences. حاصل ڪيل 2011-03-15.