ڪنايو
ڪِنايو:(Metonymy) عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي 'رمز يا اشاري ۾ بيان ڪرڻ'. مطلب اشارن ۾ اهڙا لفظ ڳالهائجن جن جون ٻه معناعون يا ٻه مطلب هجن يا نڪرن. ڳالهايل لفظ جي بنيادي يا اصلوڪي معنى هڪڙي هجي ۽ ان منجهان ڪنهن ٻئي شيءِ ڏانهن اشارو ٿيل هجي يا ڳجهو بيان ڪيل هجي ته اهو ڪنايو سڏبو آهي. مثال:
- ڪيترين عورتن گڏجي ڪنوار کي مُوڙو ڏنو.
- هن جون ٻانهون ڊگهيون آهن.
- هن جا هٿ اسلام آباد پڄن ٿا.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "ڪنايو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-01-23.