احمد خان نظاماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو

خليفو ميان احمد خان نظاماڻي تيرهين صدي هجريءَ جي مشهور اهل الله ۽ سنڌ جي اولياء ڪرام منجهان هڪ مشهور بزرگ آهي. پاڻ سنڌ جي مشهور نقشبندي بزرگ مخدوم محمد ابراهيم مڏئي واري جو پهريون ۽ وڏو خليفو هو، ۽ مخدوم صاحب سنڌ جي عظيم عالم، محدث ۽ فقيه مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پوٽو هو. خليفه صاحب نظاماڻي قوم مان هيو جيڪا سنڌي بلوچن جي هڪ شاخ آهي.

سندس نسب[سنواريو]

سندس سلسلہ نسب نظام فقير بلوچ سان ملي ٿو جيڪو نظاماڻي قبيلي جو باني هو.

  • خليفو ميان احمد خان نظاماڻي
  • ولد راڄوڻي خان
  • ولد لشڪري خان
  • ولد بلوچ خان
  • ولد جمال خان
  • ولد شادن خان
  • ولد نظام فقير بلوچ

طريقت جو شجرو[سنواريو]

پاڻ نقشبندي مجددي سلسلي سان تعلق رکندا هئا. سندن طريقت جو شجرو هن ريت آهي

  • حضرت خليفو احمد خان نظاماڻي نقشبندي مجددي رحمة الله عليه
  • حضرت مخدوم محمد ابراهيم نقشبندي مڏئي وارا رحمة الله عليه، 1162ھ کان 1225ھ
  • حضرت قيوم جهان شاه صفي الله سرهندي مجددي ڪابلي رحمة الله عليه، 1156ھ کان 1212ھ
  • حضرت شاه غلام محمد سرهندي مجددي رحمة الله عليه (حضرت شاه صفي الله جو سڀ کان وڏو ڀاءُ جنهن کان پاڻ سلوڪ جي تعليم حاصل ڪيائون)، وصال 1177ھ
  • حضرت شاه غلام محمد معصوم سرهندي مجددي رحمة الله عليه (حضرت شاه صفي الله جو والد)، وصال 1161ھ
  • سندس والد حضرت شاه محمد اسماعيل سرهندي مجددي رحمة الله عليه
  • سندس والد حضرت شاه صبغة الله سرهندي مجددي رحمة الله عليه، 1033ھ کان 1122ھ
  • سندس والد حضرت خواجه محمد معصوم فاروقي سرهندي رضي الله عنه، 1007ھ کان 1079ھ
  • سندن والد حضرت امام رباني مجدد منور الف ثاني شيخ احمد سرهندي فاروقي رضي الله عنه، 971ھ کان 1034ھ
  • حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رضي الله عنه جن جو شجرو حضرت سرور ڪائنات نبين جي مهندار سهڻي سردار صلي الله عليه وسلم جن تائين مشهور آهي.

خليفه صاحب عربي، فارسي ۽ ٻين شرعي علمن جي فراغت کان بعد حضرت مخدوم محمد ابراهيم مڏئي مرقد واري جي صحبت اختيار ڪئي ۽ نقشبندي طريقي ۾ بيعت ڪيائون. طريقت جا سبق ۽ مقام طئي ڪرڻ کانپوءِ سندن مرشد کين خلافت عطا فرمائي. روايت ۾ آهي ته پاڻ مخدوم صاحب جا پهريان خليفا هئا. مخدوم صاحب وڏي فيض وارا بزرگ هئا جن جا لاتعداد خليفا هئا. پر خليفه احمد خان جي نالي اهوئي چيو وڃي ٿو ته پاڻ سندن سڀ کان پهريان ۽ سڀ کان پيارا خليفا هئا.

خليفه صاحب پنهنجي مرشد جي مرشد حضرت قيوم جهان شاه صفي الله نقشبندي مجددي سرهندي ڪابلي رحمة الله عليہ جن وٽ پڻ وقت بوقت ڪابل ويندا هئا ۽ اتان کان پڻ فيض پرايائون، ۽ مٿن حضرت شاه صفي الله جن جي خاص نگاه ۽ مهرباني هئي. شاه صفي الله جن جي وڏي نياڻي جيڪا پڻ هڪ ڪامله عارفه ۽ وليه هئي ۽ پنهنجي والد گرامي کان خلافت مليل هيس، تنهنجي پڻ خليفه صاحب تي وڏي نظر هئي.

حضرت خليفه صاحب ڪابلي بزرگن جي خاندان جي تمام گهڻي تعظيم ڪندا هئا. نقل آهي ته پاڻ ڪيترائي ڀيرا پيرين پنڌ ڪابل جو سفر ڪيائون. آخري دفعو جڏهن پاڻ سنڌ کان حلوي سان ڀريل هڪ وڏو ٿانو مٿي تي کڻي ڪابل پهتا ۽ اهو ٿانو حويلي مبارڪ اندر موڪليائون. اندر بيبي صاحبه کي سندن اچڻ جو اڳ ۾ ئي ڪشف ٿي چڪو هو، تنهن پنهنجن فرزندن کي فرمايو ته ٻاهر هڪ سج ۽ چنڊ جهڙو ماڻهو آيو آهي، وڃي ان جو استقبال ڪريو. جڏهن سندن ننڍڙا فرزند ٻاهر نڪتا ته خليفه صاحب کي ڏٺائون جيڪي سنڌ جا رهواسي هئا ۽ ڪابلي ماڻهن جي مقابلي ۾ رنگ جا سانورا هئا. واپس پنهنجي والده وٽ وڃي چوڻ لڳا ته ٻاهر ته هڪ ڪارو ماڻهو سنڌ کان آيو آهي جيڪو نه ته سج آهي نه چند. بيبي صاحبه کين وراڻيو ته ان جي قلب تي الله تعالى جا انوار ۽ تجليون وسي رهيون آهن جنهن ڪري سندس قلب سج ۽ چند وانگي روشن آهي.

نقل آهي ته هڪ ڀيري حضرت مخدوم محمد ابراهيم عليہ الرحمة جن جمعي جي ڏينهن درياھ تي غسل فرمائڻ ويا. غسل ڪرڻ بعد اتي ئي هڪ چادر وڇائي ويهي رهيا ۽ مٿن روحاني ڪيفيت طاري ٿي ويئي. پاڻ اهڙي ته جذب جي ڪيفيت ۾ هئا جو هر فقير غسل کان فارغ ٿي اچيو سندن مجلس ۾ ويهيو رهي. ڪنهن کي به نماز جو هوش نه رهيو. ٻئي طرف جيڪڏهن ڪو مسجد کان نماز لاءِ سڏڻ خاطر آيو ٿي سو به هن روحاني ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسجي اتي ئي ويهي ٿي رهيو. نماز جو وقت به وڃي رهيو هو ۽ ظهر جو آخري وقت ٿي چڪو هو. ايتري ۾ خليفه احمد خان نظاماڻي وجد جي ڪيفيت مان نڪتا ۽ هوش ۾ آيا، ۽ هي شعر پڙهڻ لڳا:

اج تیرے نین نے مسجد میں ہوش لوٹا ہے ہر نمازی کا

ان وقت مخدوم صاحب پڻ هوش ۾ آيا ۽ ٻين کي به هوشيار ڪيائون. پاڻ فرمايائون ته نماز جو وقت مڪروه نه ٿئي، بهتر ٿيندو ته هتي ئي نماز پڙهون.

حضرت شهيد شاه محمد ضياء الحق المعروف حضرت محفه وارا رحمة الله عليہ خليفه صاحب جي مرشد حضرت شاه صفي الله سرهندي رحمة الله عليہ جا ناٺي ۽ خليفه هئا. پاڻ جڏهن حرمين شريفين جي زيارت لاءِ ويا ته اتي سندن صاحبزادي حاجي عبدالرحيم المعروف حضرت آغا صاحب کين عرض ڪيو ته مون کي پڻ بيعت ڪري هن آبائي روحاني فيض سان فيضياب ڪريو. باوجود ان جي ته حضرت شهيد پاڻ هڪ عارف ڪامل ۽ صاحب اجازت هئا، پر پاڻ کيس فرمايائون ته آئون اوهان کي خليفه احمد خان نظاماڻي سان بيعت ڪرائيندس. واپسيءَ ۾ جڏهن سنڌ پهتا ۽ خليفه صاحب سندن ملاقات لاءِ آيو ته پاڻ کين فرمايائون ته منهنجي هن فرزند کي سلسله عاليه ۾ اوهان بيعت ڪريو. تنهن تي خليفه صاحب عرض ڪيو ته اوهان کيس پاڻ ئي بيعت فرمايو ۽ آئون دعا ۾ شريڪ ٿيندس.

خليفه احمد خان صاحب کين پنهنجي ڳوٺ وٺي آيا ۽ اُتي ڳوٺ جي مسجد ۾ حضرت شهيد پنهنجي فرزند شاه آغا صاحب کي بيعت ڪيو، ساڳي وقت حضرت خليفه صاحب پڻ فيض پهچائڻ ۾ شريڪ رهيا.

هن واقعي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مجددي سرهندي خاندان جي بزرگن ۽ مشائخن ۾ حضرت خليفه صاحب جي ڪيتري عظمت مڃيل هئي جو پنهنجي اولاد کي به کانئن بيعت ڪرائڻ ٿي چاهيائون.

حضرت مخدوم ابراهيم عليہ الرحمة جو فرزند مخدوم عبداللطيف ثاني رحمة الله عليہ هو جنهن سلوڪ جي تعليم ۽ تربيت حضرت خواجه شاه صفي الله مجددي رحمة الله عليہ کان حاصل ڪئي ۽ خلافت پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪيائين. جڏهن مخدوم صاحب مڏئي وارن جي وفات جو وقت ويجهو ٿيو ته پاڻ کيس وصيت ڪندي فرمايائون ته ”جي تون گهرين ٿو ته آئون ۽ خدا هڪ هجان ٻيو ڪجھ نه هجي ته خليفي نظاماڻي سان صحبت ڪر، ۽ جي پاڻ ڏانهن خلق جي رجوعات گهرين ٿو ته وسين واري خليفي سان ساٿ سنگت ڪر، ۽ جي اگهاڙي ترار ٿيڻ گهرين ٿو جو جيڪا به بددعا ڪرين يا پٽ پاراتو ڏين سو پورو ٿي وڃي ته کٿي اوڙهيندڙ خليفي وٽ وڃي ويھ.“ ان ارشاد مان ظاهر ٿئي ٿو ته خليفه صاحب جو سندن مرشد جي نظر ۾ ڇا مقام هو.

مخدوم ابراهيم صاحب عليہ الرحمة جي خليفن مان هڪ ڪامل ۽ مڃيل خليفو مولانا محمد امين ڇتراڻي پڻ هو جيڪو نه صرف روحاني مقام جو صاحب هو بلڪه ظاهري علم تي به مڪمل عبور حاصل هيس. پاڻ حضرت مخدوم صاحب کان علاوه خليفه احمد خان کان پڻ فيض پرايائين ۽ سندس ئي چوڻ تي مخدوم صاحب ۽ خليفه صاحب جي سوانح حيات”مناقب مخدومين معظمين“ تحرير ڪيائين جنهن ۾ ٻنهي بزرگن جي حالات ۽ ڪرامات سان گڏ ڪيترائي مڪتوبات شريف پڻ نقل ڪيا اٿس. اهو ڪتاب اڻڇپيل آهي ۽ ٽنڊو سائينداد جي مجددي خاندان جي علمي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. پاڻ حضرت مخدوم صاحب توڙي خليفي صاحب ڏانهن خط لکندو هو ۽ چاھ ڀريا غزل پڻ لکندو هو. اهڙي ئي هڪ غزل جو مقطع جيڪو حضرت خليفه احمد خان نظاماڻي جي شان ۾ مشهور آهي، سو هن طرح آهي:

گر نظام کار خواھی رو نظامانی ببین، مصلحت گفتم ”امین“ گر بشنوی گفتار ما

حضرت خليفه صاحب جي مريدن ۽ خليفن جي سلسلي بابت وڌيڪ معلومات نٿي ملي.

شاعري[سنواريو]

خليفه صاحب فارسي ٻوليءَ جا بهترين شاعر پڻ هئا ۽ ”احمد“ تخلص اختيار ڪيو هئائون. تڪمله مقالات الشعراء جو مصنف مخدوم ابراهيم خليل سندن تعريف ڪندي ”ولايت جو مخزن“ ۽ ”ڪرامت جي کاڻ“ جي لقبن سان کين ياد ڪري ٿو. وڌيڪ فرمائي ٿو ته خليفه صاحب جهڙن بزرگن جو بيان ته اولياء الله جي سوانح ۾ سونهين ٿو، پر جڏهن ته حضرت موصوف ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندا هئا ان ڪري هن تذڪري ۾ به سندن نالو درج ڪرڻ مناسب معلوم ٿئي ٿو.

مخدوم خليل سندن باري ۾ روايت ڪري ٿو ته جڏهن خليفه صاحب شعر چوڻ شروع ڪيو ته اڃا گهڻو وقت نه گذريو هو جو هر هنڌ سندن وهواھ ٿي ويئي. شهر جي شاعرن به سندن شاعري ٻڌي عجب ڪيو ۽ پنهنجي هڪ شاگرد کي ساٿين سان موڪليائون ته وڃي ساڻن ملاقات ڪري. ان شاگرد حضرت مخدوم ابراهيم جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته اسان ٻڌو آهي ته اوهان جي فقيرن مان ڪو فقير شاعر به آهي، اسين ان بزرگ سان ملڻ چاهيون ٿا. مخدوم صاحب کين خليفه احمد خان نظاماڻي جو نالو ٻڌايو. جڏهن ساڻن مليا ته پاڻ ۾ علمي ۽ ادبي گفتگو ڪرڻ لڳا ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجا شعر ۽ بيت ٻڌائڻ لڳا. آخر ۾ خليفه صاحب کين چيو ته هي به منهنجو شعر آهي:

شب فراق ترا گریبان کنم تمثیل، ز تار زلف تو گیرم کہ بس سیاہ و دراز

اهو بيت ٻڌڻ تي اهو شاگرد چوڻ لڳو ته جي ٻهراڙي وارا اهڙو شعر چون ٿا ته پوءِ شهر وارن تي تعجب ٿو اچي.

تڪمله مقالات جي ليکڪ سندن ڪجھ شعر نقل ڪيا آهن جِن مان ڪي هِت پيش ڪجن ٿا.

اے دل بدیں خیال پریشان کیستی، وے دیدہ اشکبار تو حیران کیستی

غیر از فراق نیست نصیب زمان ما، اے روزگار وصل بدوران کیستی

بلقیس وار در رہ شوقت قدم زدم ، لیکن ندامت کہ سلیمان کیستی

هي پڻ سندن اشعار آهن:

بر مسند ملامت نوبت بما رسیدہ، شاھد پئے سلامت ما را کم آفریدہ

ناموس عفتم را خرمن بباد دادہ، دعوائے عصمتم را صد پردہ بردریدہ

یاران آشنا را ہر چند آزمودم ، خواھند کز سرما بیرون کشند دیدہ

بر افتقار احمد رحمے کہ باشد از جاں، جاناں ترا بعالم یک بندہ آفریدہ

هي پڻ سندن شعر آهي:

ترا ھر آنکہ رہ و رسم دلبری آموخت ، مرا ترک دل و جان قلندری آموخت

پاڻ پنهنجي مرشد جي مرشد حضرت شاه صفي الله مجددي رحمة الله عليہ جن جي وصال مبارڪ جي موقعي تي سندن شان ۾ هڪ ڊگهو قصيدو لکيائون، جنهن مان هيٺيان ٻه شعر عمدة المقامات ۾ نقل ڪيا ويا آهن:

ذی قعدہ بدو پگاہ ششم کان اختر برج شد گم

دو شنبہ دوازدہ صد و سال کاں باز زدہ از جہان پر وبال

خليفه احمد خان نظاماڻي عليہ الرحمة جي وفات جي تاريخ معلوم نه آهي. سندن مزار نم جي ڳوٺ ۾ آهي جيڪو حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ نظاماڻين جو هڪ ڳوٺ آهي.

درويش ميان حاجي محمد اسماعيل نظاماڻي[سنواريو]

حضرت خليفه احمد خان جي جمله اولاد جو ته تذڪرو نه ٿو ملي، مگر سندن هڪ فرزند محمد هاشم نالي هيو جنهن کي وري هڪ فرزند حاجي محمد اسماعيل هيو جيڪو مجذوب طبيعت ۽ درويش صفت انسان هيو. پاڻ ستر سال کان وڌيڪ عمر گذاري نيٺ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو ۽ پنهنجي ڏاڏي حضرت خليفه صاحب جي ڀرسان نم جي ڳوٺ ضلع حيدرآباد ۽ ميان جو مقام ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ آرامي آهي.

حوالا[سنواريو]

  • مقالات قاسمي، ليکڪ علامه غلام مصطفى قاسمي، ايڊيشن پهريون آڪٽوبر 2000ع، ڇپيندڙ: نظير احمد قاسمي
  • سنڌ ڪي صوفياءِ نقشبند (سندھ کے صوفیائے نقشبند) اردو، حصو پهريون، ليکڪ ڊاڪٽر صاحبزاده ابوالخير محمد زبير، ڇپيندڙ ضياء القرآن پبليڪيشنز لاهور، اپريل 2007ع
  • مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ليکڪ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ايڊيشن ٻيو 2006ع، ڇپيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  • تذڪرة الصلحاء في بيان الاتقياء (فارسي)، ليکڪ حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي مجددي، اردو ترجمو: شيخ عبدالرحيم ڪلڪتي وارو، ڇپيندڙ عباسي پريس ڪراچي، 1372 هجري، صفحو 41
  • نسب نامه سرهندي (سنڌي) قلمي، عبدالغفار سرهندي