احسان الله شاهه راشدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پير سيد احسان الله شاهه راشدي سنڌي: پنجون پير جهنڊي وارو, پير احسان الله شاهه)اردو: سید احسان اللہ شاہ راشدی پیر جھنڈہ پنجم) ولد پير رشد الله شاهه راشدي تاريخ 27 رجب سن 1313ھ بمطابق 13 جنوري 1896ع تي ڳوٺ پير جھنڊي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾ ڄائو، تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ”دارالرشاد“ مان حاصل ڪيائين. علمي فراغت کان پوءِ پاڻ کي پيريءَ مريديءَ ۾ مشغول رکيائين. هي وڏو علم دوست ۽ ادب پرور انسان هو. هن عاليشان ڪتبخانو تيار ڪيو. ان کان سواءِ کيس تحرير ۽ تقرير جي فن ۾ به مهارت حاصل هئي. سندس لکيل ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن: (1) رسـالــو ’الـمـقـالة الـمـحبـوبـة فـي الـدعـاءِ بعـد صـلـواة امـڪتوبة‘، (2) ’خيمة الزجاجة في شرح ابن ماجة‘. جڏهن سنڌ ۾ ’خلافت تحريڪ‘ جو آغاز ٿيو ته پاڻ ان ۾ ڀرپور حصو وٺي انگريزن خلاف ڪم ڪيائين.[1] [2] [3] [4]

وفات[سنواريو]

تاريخ 15 شعبان سن 1358ھ مطابق 27 سيپٽيمبر 1939ع تي درگاهه شريف پير جهنڊو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. 
  2. "CONTRIBUTIONS OF ALLAMA SYED IHSANULLAH SHAH RASHDI TOWARDS RELIGION AND EDUCATION||The Scholar Islamic Academic Research Journal || www.siarj.com || ISSN: 1234-5465 Home". 
  3. "رسائل و جرائد - مضامین". rasailojaraid.com. 
  4. "Majallah Bahrul Uloom Muhaddis Ul Asar No ( Muhibullah Shah Rashdi)".