احساسيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احساسيت (Sensuousness) شاعريءَ ۾ رنگن، خوشبوئن، آوازن، ذائقن جي لذت ۽ ان مان اهڙا مادي احساس پيدا ٿيڻ، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ تي جمالياتي اثر پوي. احساسيت جو تاثر انهن رومانوي شاعرن ۾ ايندو آهي، جيڪي فطرت کي چٽيندا آهن. احساسي اثر انگريزي رومانوي شاعر جان ڪيٽس (1795-1821ع)جي شاعريءَ جي اهم خوبي هوندي هئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.