مواد ڏانھن هلو

اجھو (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اَجهو ليکڪ هري موٽواڻي سنڌيءَ جو ناول آھي. ھي ڪرائون سائيز ۾ آھي، صفحا 176 اٿس، قيمت 22 روپيا، ۽ آگسٽ 1988ع ۾ شايع ٿيو. ڇپائيندڙ ڪونج ۽ ديپشکا پبليڪيشن بمبئي آهي، هيءُ ناول ڀارت جي ورهاڱي جي موضوع تي لکيل آهي ۽ سال وار چئن بابن: 1945ع، 1946ع، 1947ع ۽ 1948ع ۾ ورهايل آهي. مصنف جو پلاٽ ان خيال تي ٻڌل آهي تہ (1945ع) تائين سنڌ ۾ هندو مسلم محبت ۾ رهندا هئا، ليڪن انگريزن جي سياسي چال سبب مذهب تي ٻڌل ورهاڱي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيو. ملڪ ۾ فسادن منھن ڪڍيو، جنھن ڪري لڏپلاڻ شروع ٿي. سنڌي هندو پنھنجي عزت ۽ سؤمان خاطر سنڌ ڇڏي هندستان ڏانھن وڃڻ لڳا.[1]

حوالا

[سنواريو]