اجنتا جون غارون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مهاراشٽر رياست (ڀارت) جي اورنگ -آباد- ضلعي جي اجنتا ڳوٺ ۾ ٻڌن جون جبلن کي ٽُڪي ٺاهيل غارون، جيڪي خانقاهن ۽ عبادتگاهن طور استعمال ٿينديون هيون. هيءَ غارون اورنگ -آباد- کان 105 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي -اتر- - -اوڀر- طرف آهن. هنن غارن جو اهم سلسلو لڳ ڀڳ پهرين صدي (ق. م) کان ستين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي جو آهي. هيءَ غار ۽ مندر سخت ٽڪرين کي ٽُڪي ٺاهيا ويا هئا، مندرن جي ڀتين تي مهاتما ٻُڌ جي زندگيءَ بابت ڪيتريون -تصويرون- ٺهيل آهن، -جن- کي -اوڀر- جي مصوريءَ جي فن جو شاهڪار سڏجي ٿو. اهي چٽساليون، مهاتما -ٻڌ- جي زندگيءَ جي مختلف واقعن کي اجاگر ڪن ٿيون، اهي مندر ڪيترين صدين تائين مٽيءَ جي تهن ۾ ڍڪيل رهيا. انهن غارن جو سڀ کان -اول- چون ٿا ته جي. فرگوسن 1743ع ۾ انهن قديم آثارن جو پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. انهن غارن جو تعداد 301 آهي، -جن- مان ڪن غارن ۾ چترڪاريءَ جا خوبصورت نمونا ملن ٿا، ڪن ۾ -ٻڌ- ڀڪشوئن جي رهائش هوندي آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]