اجتماعيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اجتماعيت (collectivism) اشتراڪيت جي اصول مطابق زمين، سرمائي، دولت ۽ پيداوار جي ٻين ذريعن کي قومي ملڪيت بنائڻ جو نظريو. هي ملڪيت جو نظريو، رياستي، صوبائي يا بلدياتي سطح تي ٿي سگهي ٿو. هن اصطلاح کي پھريون ڀيرو روسي انقلابي يونين استعمال ڪيو. 1880ع ۾ هادري (فرانس) جي مقام تي هڪ ڪانگريسي اجتماع جو پروگرام رکيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو تہ پيدائشِ، دولت جي سموري پيداوار ۽ وسيلن کي رياست جي ملڪيت قرار ڏنو وڃي تہ جيئن ماڻهن کي پنھنجي اجتماعي محنت جو ڦل ملي. ’اجتماعيت‘ کي ’اشتراڪيت‘ جي هم معنى بہ سمجهيو ويو آهي. هارين جو هڪ ٽولو ملي پنھنجي زمين ۾ گڏيل طور ڪاشتڪاري ڪندو آهي، زراعت جا اوزار ۽ مال متاع بہ گڏيل هوندو آهي. رڳو رهڻ لاءِ جڳھ ۽ پالتو جانور سندن ذاتي ملڪيت هوندا آهن. زراعت جي منافعي ۾ سندن ڪمن، محنت جي نوعيت ۽ تناسب کي مد نظر رکي هر ڪنھن کي حصو ڏنو ويندوآهي. 1929ع ۾ اسٽالن هن نظام کي روس ۾ رائج ڪيو ۽ 1955ع کان ان کي اجتماعي زراعت جو رواج ڏنو ويو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.