ارٿ شاستر

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

حڪمرانيءَ جي طور طريقن بابت دنيا جي قديم ڪتابن ۾ ”ارٿ شاستر“ به هڪ قديم ڪتاب آهي، جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ ۾ 400 ق.م کان 150 ق.م جي وچ واري عرصي ۾ اچارينا چاڻڪيا ڪوٽليا لکيو. ”ارٿ شاستر“ کي اقتصادي علم جو باضابطا پهريون ڪتاب ڄاتو وڃي ٿو، جنهن جو ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ترجمو ڪندڙ هن ڪتاب کي اهڙي دستاويز جي حيثيت ۾ ڏٺو آهي، جيڪو حڪمرانن کي معاشي معاملن ۽ خلق جي بهتر زندگي ۽ اقتدار جا گر سيکاري ٿو، ائين چئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب رياست جي مجموعي نظام هلائڻ جا طور طريقا ڏسي ٿو.

چندر گپت موريا جي بادشاهي جن شخصيتن جي ڪري قائم هئي، انهن ۾ چاڻڪيه جو مرڪزي ڪردار هو. هي ڪتاب چندر گپت موريا جي حڪمراني دوران لکيل آهي، قدرتي ۽ مالي وسيلن ۽ بنيادي معاشي سرگرمين تي ڪتاب ۾ لاڀائتو بحث ٿيل آهي.

هن ڪتاب ۾ زراعت، واپار، صنعت ۽ ٻين شعبن جو به پيرائتو ذڪر آهي. هي ڪتاب جيتوڻيڪ ان زماني ۾ لکيو ويو هو، جڏهن جبري بادشاهت هئي، پوءِ به چاڻڪيا عوام جي ڀلائي واري پاسي کي نظر انداز نه ڪيو، هي ڪتاب پندرهن بابن ۾ ورهايل آهي. هن ڪتاب ۾ نظم ۽ ضبط، سرڪاري عملدارن جي ذميوارين، بهتر حڪمرانيءَ جي راهه جي رنڊڪ هٽائڻ، درٻارين جي ڪردار ۽ عملن، رياستي خودمختياري جي بڻ بڻياد، سماجي براين، هنگامي حالتن، جنگ، دشمن سان بهتر نموني هلڻ، بين الرياستي معاهدن ۽ جاسوسيءَ جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ آچاريه چاڻڪيه بادشاهه جون وصفون به بيان ڪيون آهن. جهڙوڪ: وٽس رياست جون واڳون مضبوط هجن، با اخلاق هجي، پرائي ڌن ۽ پرائي عورت تي نظر نه رکي، اهنسا جي راهه تي هلي، اجاين خرچن ۽ -بد- ڪردار ماڻهن کان -پاسو- ڪري، وڌ ۾ وڌ علم حاصل ڪري، خاميون ڏسيندڙ جو فڪر ڪري ۽ صرف خامين کي ختم ڪري، يادگيريءَ جو پڪو هجي، ڪنهن جي به رهنمائيءَ وٺڻ ۾ نه هٻڪي، دفاعي مامرن ۾ ڀڙ هجي، طبيعت ۾ اعتدال پسند هجي، بخيل نه هجي، بحرانن ۾ وائڙو نه ٿئي، -جنگ- وڙهڻ ۽ جنگبنديءَ بابت نظر شناس هجي، دشمن سان وقتائتي معاهدي جي ڄاڻ رکندو هجي، دشمن جي ڪمزورين تي نظر رکڻ ڄاڻندو هجي. ڪتاب ۾ بادشاهه جي فرضن جو خاڪو چٽيو ويو آهي. چاڻڪيه مثالي بادشاهه ان کي چوي ٿو، جيڪو اعليٰ خاندان سان تعلق رکندڙ هجي، هيڪاندي دولت، ذهانت ۽ مهارت وارو هجي، زماني شناس ماڻهن سان رابطو رکندڙ ۽ اعليٰ ڪردار وارو هجي. قول جو پڪو، پاڙيسري حڪمرانن کان طاقتور هجي، باصلاحيت ماڻهن کي صلاحڪار بنائي. چاڻڪيه ۽ ارٿ شاستر تي تنقيد ڪندڙ سياسي مبصر ۽ مؤرخ چون ٿا ته چاڻڪيه ارٿ شاستر ۾ رياستي يا حڪومتي معاملن ۾ عوام جي سگهاري ڪردار جو ذڪر نه ڪيو آهي. چاڻڪيه تي ٻيو اعتراض اهو ڪيو ويو آهي ته هن حڪمران طبقي کي حڪمرانيءَ جو حقدار قرار ڏيندي، شاهي طبقي جي وڪالت ڪئي آهي. ٻئي پاسي چاڻڪيه، شاهي خاندان ۾ اقتدار لاءِ -جاري- رهندڙ ڇڪتاڻ کي رياست لاءِ انتهائي نقصانڪار قرار ڏنو آهي، چاڻڪيه معيشت ۽ سياست جي بنيادي اصولن جي تعليم بابت عام ماڻهن کي ڪنهن به مرحلي تي لائق نه سمجهيو آهي، چاڻڪيه مستقبل جي بادشاهه جي ترتيب کي به غير معمولي اهميت ڏني آهي. ان دور جي گهرجن مطابق بادشاهت کي ئي انسان جي سياست، معيشت ۽ معاشرت جو محور قرار ڏنو ويو آهي. چاڻڪيه پنهنجي ڏاهپ ذريعي ماڻهن کي بادشاهه جي ذات مان رهنمائي حاصل ڪرڻ جو تحرڪ ڏنو آهي. چاڻڪيه چندر گپت موريه جي ذهني تربيت ڪئي هئي، ان ڏس ۾ سندس ڪردار اهڙو ئي هو جهڙو يوناني فاتح سڪندر اعظم لاءِ -ارسطو- ۽ مغل شهنشاهه -جلال- الدين اڪبر لاءِ -بيرم خان- جو هو. چاڻڪيه ڀارتي معاشري کي چئن ورڻن ۾ ورهائڻ جي حمايت ڪئي هئي.[1]

پنڊت چاڻڪيا ڪوٽليا جا ڪجهه اصول[سنواريو]

اَرٿ شاستر ۾ پنڊت چاڻڪيا ڪجهه اصول ٻڌايا ويا آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن.

  • اقتدار کي ڪڏهن به ٿڌو نه ڪجي، سدائين گرم رکجي.
  • اقتدار جي سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز هوندو آهي.
  • پاڙيسري قومن ۽ ملڪن کي ’دشمن‘ تصور ڪرڻ گهرجي.
  • اڻ پاڙيسري ملڪن سان ناتا وڌائي، پاڙيسري ملڪن کي دٻيل ۽ هيسيل رکڻ گهرجي.
  • ’امن‘ ۽ ’صلح‘ ٻئي بي معنا لفظ آهن،

[2]