ابو محمد سالم سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو محمد حلف -بن- سالم، مخاطب به محمود سنڌي. حديث جي حافظن مان هو، کيس سنڌ مان عرب آندو ويو هو. آل مهلب جو غلام رهندو آيو، پوءِ علم جي تحصيل ڪيائين ۽ حديث ۾ نالو پيدا ڪيائين. -بغداد- جي محله محزمي ۾ قيام هيس، جنهنڪري محزميءَ جي نسبت سان مشهور ٿيو. ذهبي جو بيان آهي ته پاڻ سنڌي هو. حلف -بن- سالم حافظ محمود ابو محمد سنڌي، موالي آل مهلب -بغداد- جي وڏن حديث جي حافظن مان هو. ابن حجر به کيس ’السندي البغدادي الحافظ‘ لکيو آهي. سندس حديث جي شيخن ۾ هيٺيان محدث آهن، -جن- کان هن روايتون بيان ڪيون آهن: هثيم -بن- بشير، يحيٰ -بن- سعيد، قطان، عبدالرحمان -بن- مهدي، اسماعيل -بن- عليه، سعد -بن- ابراهيم -بن- سعد، يعقوب -بن- ابراهيم، محسن -بن- عيسيٰ، ابو نعيم فضل بي وڪيل، محمد -بن- جعفر، غنذر، يزيد -بن- هارون، وهب -بن- جرير، عبدالرزاق -بن- همام ۽ ابن نمير. هيٺيان سندس حامي آهن. اسماعيل -بن- ابي حارث، حاتم -بن- ليث، يعقوب -بن- شيبته، احمد -بن- ابي خثميه، جعفر طپالسي، عباس دوري، يعقوب -بن- يوسف مطوعي، حسن -بن- علي معمري، احمد -بن- حسن -بن- عبدالجبار صوفي، ابو القاسم بغوي، احمد -بن- علي آبادءَ، ثمان دارمي، -امام- احمد -بن- حنبل، يحيٰ -بن- معين، حميد، يعقوب -بن- شيبه ۽ حمزه ڪتاني سندس توثيق ڪئي آهي. -امام نسائي- هڪ واسطي سان سندس روايت درج ڪئي آهي. نهايت ساده دل هو ۽ مختلف علمن ۾ پوري مهارت رکندو هو. سومر ڏينهن 22 رمضان 231ھ 69 سالن جي عمر ۾ -بغداد- ۾ وفات ڪيائين.[1]حافظ ابو محمد بن سالم سنڌي. هڪ سنڌي غلام هو، جو عرب ۾ وڃي وڏو عالم ٿيو. سندس استادن مان هشيم، ابن بشر، يحيٰ بن سعيد قطان، عبدالرحمان بن مهدي، اسماعيل بن عليه، سعد بن ابراهيم بن سعد، يعقوب بن ابراهيم، ابن عيسيٰ، ابو نعيم فضل بن وڪيع، محمد بن جعفر، يزيد بن هارون، وهب بن جرير، عبدالرزاق بن همام، ابن منير، وغيره آهن. سندس شاگردن ۾ اسماعيل بن ابي حارث، حاتم بن ليث، يعقوب بن شيبه، احمد بن ابي خثيمه، جعفر طيالسي، عباس دوري، يعقوب بن يوسف مطعوي، حسن بن علي معمري، احمد بن حسن بن عبدالجبار صوفي، ابوالقاسم بغوي، احمد بن علي آبار، عثمان دارمي، وغيره آهن. امام احمد بن حنبل، يحيٰ بن معين، مسود، حميدي، يعقوب بن شيبه، حمزه ڪاناني، امام سنائي، خطيب ۽ ابن حجر سندس ذڪر ڪيو آهي. 22- رمضان 231ھ ۾ 61 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%88%20%D9%85%D8%AD%D9%85%D8%AF%20%D8%B3%D8%A7%D9%84%D9%85%20%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A
  2. ”تاريخ خطيب بغدادي“، ج 8، ص 329؛ ”تذڪره الحافظ“، ج 4، ص 65؛ ”تهذيب التهذيب“، ج2، ص 252.