ابو الڪسيس الزھراوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوالقاسم خلف بن عباس الزھراوي
ابوالقاسم خلف بن عباس الزھراوي

الزھراوي خيالي تصوير ۾ قرطبہ جي شفاخاني ۾ مريض جو علاج ڪندي.
پیدائش 936 CEمدينہ ازھرا، اندلس موجوده ڪارڊوبا، اسپين
وفات 1013 (aged 76–77)
دور اسلام جو سونھري دؤر
خطو اندلس, قرطبہ جي خلافت
مذھب اسلام
اھم خيال موجوده طب ۽ جراحي جي اوزارن جو باني ، سرجري (جراحي) جو باني
معروف خدمتون ڪتاب التصريف

ابو القاسم خلف -بن- عباس الزھراوي ”قرطبہ“ ۾ سن 936 ع ۾ پيد اٿيو، صاحب موصوف جراحت جي فن ۾ نمايان شھرت حاصل ڪئي. ھن جي مکيھ ڪتابن مان ھڪ ”تصريف“ آھي، جنھن جو پورو نالو”التصريف لمن عجز عن التاليف“ آھي، جراحت جو ھيءُ پھريون ڪتاب آھي. ابو ڪسيس لکي ٿو ته ”جراحت ٻن قسمن جي آھي، ھڪ اھا جا مريض کي مرض کان نجات ڏياري، ۽ ٻي اھا، جا ھن کي موت سان ملاقات ڪرائي. ابو القاسم فن جراحت ۾ خبرداريءَ کي دليري تي ترجيح ڏئي ٿو. جراحت تي ھن ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا آھن. ”ڏنڀ“ تي ھن ھڪ خاص ڪتاب لکيو آھي. ھڪ ٻئي ڪتاب ۾ ”مثاني جي -پٿري-“ کي ڀڃي ٻاھر ڪڍڻ ۽ اھڙا ٻيا جراحت جا فن بيان ڪيل آھن، ھڪ ٽئين ڪتاب ۾ ھڏن ڀڃڻ ۽ سنڌن نڪرڻ جو مفصل احوال، علاج سميت لکيو اٿس. الزھراوي نه صرف ھڪ بلند پايي جو جراح ھو، پر -ان- سان گڏ علم طب ۽ حڪمت جي ٻين شعبن تي به کيس اعليٰ دسترس حاصل ھئي. ازان سواءِ علم الادويھ مفردات و مر ڪبات، ۾ به سندس مٽ زماني ۾ ٿورا عالم ھئا.[1]

حوالا[سنواريو]