ابو العباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي
ڏيک
ابو العباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي عربن سنڌ جي شھر ديبل کي فتح ڪيو، اُن کان پوءِ اتي مدرسا کوليا ويا، جن ۾ پڙهندڙن کي ’ديبلي‘ سڏيو ويندو هو. ابوالعباس بہ ان حوالي سان ديبلي عالم ۽ محقق هو. هن علم جي اُڃ اُجهائڻ خاطر ڪيترائي ملڪ گهميا. وڏن عالمن کان حديثون ٻڌائين. ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزيم جي دور ۾، نيشاپور ۾ حسن بن يعقوب جي خانقاھ ۾ اچي رهيو ۽ اتي علم پرائيندو ۽ ڏيندو رهيو. رجب 343ھ/954ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس حيره جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-10.