ابن اسحاق
| ابن اسحاق | |
|---|---|
| (عربي ۾: ابن إسحاق) | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| ڪم جي ٻولي | |
| دلچسپي | اسلام جي تاريخ |
| ترميم | |
تاريخِ -اسلام-“ ۾ -جن- شخصيتن کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي، انهن ۾ ابن اسحاق يعني ابو عبدالله محمد -بن- اسحاق -بن- يسار جو نالو سرفهرست آهي. ابو عبدالله -بن- اسحاق مديني شريف ۾ تقريباً 84ھ (703ع) ڌاري پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي محنتي هو. -الله- پاڪ کيس تيز ذهانت عطا ڪئي هئي، جنهنڪري قابل استادن جي نظر فيض اثر هيٺ، عربي زبان تي وڏو عبور حاصل ڪيائين. ادب جي سلسلي ۾ وقت جي وڏن وڏن عالمن کي به پنهنجي حيثيت مڃائڻ ۾ دير نه ڪيائين. -ان- کان سواءِ روايتن کي صحيح انداز ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي زماني جي اڪابرن سان به ڪي قدر اختلاف رهيس، جنهن جي ڪابه پرواهه نه ڪري، ويتر قلم جي رفتار وڌائڻ لڳو. ايستائين جو مالڪ -بن- انس جهڙي جيد عالم سان به ڪيترين روايتن تي زباني ڏي وٺ ڪيائين. هُو سچائيءَ جو ساٿ ڇڏي نه سگھيو ۽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. -ابنِ اسحاق- اڳ ۾ مصر ويو ۽ پوءِ عراق کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻائي رهڻ لڳو. وقت جي خليفي المنصور کيس -بغداد- اچڻ جي دعوت ڏني، -جتي- 67 ورهين جي ڄمار ۾ 151ھ (768ع) ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس -امام- ابو حنيفهرحه جي ڀرسان جاءِ ملي. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. زياد -بن- عبدالله البڪائي ڪوفيءَ جو نالو هن ڏس ۾ سرفهرست آهي. ابنِ اسحاق وڏو مؤرخ به هو. هن ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي حياتي مبارڪ تي ”سيرت النبيصه“ نالي ٻن جلدن ۾ نهايت وضاحت سان روشني وڌي آهي. سندس هي ڪتاب، پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي حالاتِ زندگيءَ تي، قديم ڪتاب آهي. هجري چوٿين صديءَ ۾ الوزير المغربيءَ هن ڪتاب کي اصلي صورت ۾ نقل ڪرائي، محفوظ ڪيو.[1]