آڱوٺو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آڱوٺي جو هي مخصوص نشان جيڪو ڪافي تهذيبن ۾ تائيد جي علامت سمجھيو ويندو آهي

آڱوٺو انساني پنجي جو نهایت اهم جزو آهي۔ آڱوٺو گھڻو ڪري انساني هٿ ۾ موجود سڀ کان پهرين آڱر جيڪا ٻين آڱرين جي نسبت ۾ ٿوري موٽي ۽ ننڍي هجڻ جي باوجود نهایت مضبوط ۽ شيون پڪڙڻ ۾ انتهائي اهم هوندي آهي۔ هٿ جي پنجن آڱرين مان سڀ کان ڌار بيٺل آڱر، جنهن کان سواءِ ڪا شيءِ جهلڻ ممڪن نه آهي. اصطلاحي طور ’آڱوٺو ڏيکارڻ‘ بنهه جواب ڏئي ڇڏڻ کي چئبو آهي. ان-لاءِ ٻيو لفظ ’ٺـٺيو‘ به استعمال ٿيندو آهي. سنڌ ۾ ان جو استعمال ناڪاري معنيٰ رکي ٿو، جڏهن ته يورپ ۾، خاص ڪري انگلنڊ ۾ آڱوٺو ڏيکارڻ معنيٰ ’ها‘ يا مثبت جواب. آڱوٺو ڏيکاري لفٽ ورتي ويندي آهي. آڱوٺي جو رخ هيٺ ڪري اشارو ڪرڻ جو مطلب آهي ’ڪم ڪونه ٿيو يا خراب ٿيو‘. اڻپڙهيل ماڻهو صحي ڪرڻ بدران ڪاغذ تي آڱوٺو هڻندا آهن، ان ڪري اڻ پڙهيل ماڻهوءَ کي ’آڱوٺي ڇاپ‘ به چوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

سانچو:انساني جسم